
پراڻي پاٽ جو ڏيک
پاٽ پراڻي: پراڻي پاٽ دادو شھر کان اتر طرف سورھن ميلن جي مفاصلي ۽ دادو ڪئنال جي اوڀر ۾ ھڪ ميل جي پنڌ تي آهي. هن ڦٽل شھر جا آثار عربن جي دور جا چيا وڃن ٿا. 25 ايڪڙن تي مشتمل هي دڙا نئين پاٽ شھر جي اوڀر ۾ آھن، جتي ھن وقت کٻڙن کان سواءِ ڪجهہ بہ نظر نہ ٿا اچن. ھتي ھڪ قبرستان ۽ حاجي پير اسماعيل پنوهر جو مقبرو آھي. روايت آھي تہ ھتي قلندر لال شھباز بہ 644 ھه/ 1246ع ۾ آيو ھو. هن جي اتر ۾ هڪ قبرستان آھي. ھي شھر ڪنھن وقت ڏاڍو مشھور ھو. ھن شھر جي اولھہ ۾ ڍورو واھہ ۽ تاڳرواھہ وھندا ھئا. جن تي آباديءَ ٿيندي هئي. شھر جون چاٻيون سرڪاري ڪارندي وٽ رھنديون ھيون. ٺٽي ۽ سيوھڻ کان ايندڙ رستو پاٽ مان لنگهي ملتان ڏانھن ويندو ھو. هن رستي جا پڪا نشان ڳوٺ نورجن وٽ موندر کان ڏکڻ طرف اڃا بہ موجود آھن. انھيءَ روڊ تان محصول اوڳاڙڻ لاءِ ھڪ چبوتري جا نشان بہ اڃا دڙن تي ملن ٿا. ان محصول کي ”رائر“ چيو ويندو هو. (’رائر‘ لفظ، محصول لاءِ شاھہ لطيف بہ ڪم آندو آهي.) هي رستو ناصر شاھہ جي مقام کان لنگهندو ھو. دلاه ڍوري تي رستي ۾ پڪين سرن جي موري ٻڌل ھوندي ھئي، جنھن جون سرون 1300ھه/ 1882ع ۾ مقامي ماڻھن نئين پاٽ اڏڻ ۾ ڪتب آنديون. ھتي ڏاڙھن جا وڏا باغ ھئا، جن کي پاڻي معروفاڻي، وھندڙي ۽ چڪڻ ڍنڍن مان ملندو ھو. ھن شھر کي قديم تذڪرن ۾ ”قبلة السلام“ سڏيو ويو آھي، جو ھتي دين اسلام جي علم جا وڏا عالم رھندا ھئا. ھن شھر تي مغلن ۽ قلاتي ماڻھن پاران حملن پٺيان حملا ٿيندا رهيا. سال 930 ھه/ 1523ع ۾ مرزا شاھہ حسن جي شادي بابر بادشاھہ جي مير منشي خليفي حسام الدين ميرڪ جي ڌيءَ گلبرگ بيگم سان پاٽ ۾ ٿي. سال 947ھہ/ 1540ع ھمايون ٻن لکن ماڻھن سان سنڌ ۾ آيو. اناج جي کوٽ سبب ھمايون پاٽ مان اناج خريد ڪرڻ لاءِ ماڻھو موڪليا هئا، ڇاڪاڻ تہ اُتي اناج جهجهو ۽ سستو هو. سال 950ھه/ 1543ع ۾ جڏھن مرزا ڪامران پنھنجي ڀاءُ ھمايون کان ڪاوڙجي نڪتو تہ کيس پاٽ ۾ مرزا شاھہ حسن مليو، جنھن سندس نہ رڳو پاسخاطري ڪئي، پر پنھنجي ڌيءَ چوچڪ بيگم جو سڱ بہ کيس ڏنو. اها شادي بہ پاٽ ۾ ٿي هئي. 952 ھہ/ 1545ع ۾ ھمايون جي شادي شيخ علي اڪبر جاميءَ جي ڌيءَ حميدہ بيگم سان بہ پاٽ ۾ ٿي. اڪبر بادشاھہ ان بيگم مان ئي اڳتي هلي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. اھڙيءَ طرح وڏي تاريخ رکندڙ هيءُ شھر درياھہ جي رُخ مَٽائڻ يا هڪ روايت موجب باھہ لڳڻ سبب ويران ٿيو، بهرحال هن وقت پراڻي پاٽ جا رڳو دڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.