پاٽ2

پاٽ2: ٺِڪر جو گول ٿانوَ، جنهن جا مٿيان ڪنارا هلڪا وريل هوندا آهن. ٿالھہ جهڙي هن ٺِڪر جي ٿانوَ ۾ عورتون اڪثر اٽو ڳوهينديون آهن. جنهن جي بناوٽ انچ کان ڏيڍ انچ ٿلهي ٺِڪر جي پڪل ٿانوَ گولائيءَ ۾ ڀتين سان چٽيل ۽ اڻ چٽيل ٻنهي صورتن ۾ هوندي آهي. ڪنڀارن جي ٺاهيل اها پاٽ اڄڪلھہ گهٽ استعمال ۾ اچي ٿي. سنڌ جي ڳوٺن ۾ اڳي سنت طُهر جي رسمن ۾ طُهر دوران پاٽ تي ويهاريو ويندو هو. طُهر جو ڪم اڳي حجام ڪندا هئا، پر اڄڪلھہ ڊاڪٽر ڪن ٿا، تنهنڪري پاٽ جو اهڙو استعمال بہ ختم ٿي چڪو آهي. اهڙو ئي ننڍو ٿانوَ پاٽڙي يا پاٽڙو سڏائي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو