پاٽ3: ضلعي ۽ تعلقي دادوءَ ۾ هڪ ديھہ جو نالو، جنهن ۾: پاٽ وليج، ڪلري، مٺو واهڻ، چانڊيا، الھورايو چانڊيو، بھرام چانڊيو، محمد آباد، آندل چانڊيو، محرم چانڊيو، رحيم برهماڻي ۽ ڏاتاڻي نالي ڳوٺ شامل آهن. مشھور ڍنڍ چڪڻ بہ هن ديھہ ۾ آهي. هن ديھہ جي اوڀر ۾ سنڌو درياھہ آهي. پراڻي پاٽ جا آثار، محمد اسماعيل پنهور جو قبو (جيڪو قلندر شھباز جو صحبتي چيو وڃي ٿو) وغيرہ بہ هن ديھہ ۾ آهن.