پاپڙي

پاپڙي

پاپڙي 1

پاپڙي: ڪن جي هيٺئين لڙڪندڙ حصي واري چم کي ”پاپڙي“ چوندا آهن. نينگرين جي پاپڙين کي ننڍي هوندي ئي ٽوپائي ڇڏبو آهن، تہ جيئن ڌيءَ ۽ پٽ ۾ سڃاڻپ جو فرق هڪ طرف محسوس ٿئي، تہ ٻئي طرف نينگري وڏي هوندي هار سينگار جا ڳھہ ڳٺا پائي سگهي. پاپڙين ۾ پائڻ جا ڳھہ، واليون، ڪيوٽيون، پنڙا، ايئررنگ (Ear rings) وغيرہ سڏبا آهن.- ڪنهن بنھہ سنهي پاپڙ جهڙي شيءَ کي بہ پاپڙي چئبو آهي، جيئن چپن تي خشڪيءَ کان کل ڄمي ويندي آهي تہ چئبو آهي ”چپن تي پاپڙيون ڄمي ويون اٿس“.- ڄانڀي جي کڙکي بہ پاپڙي چئبو آهي. پاڻيءَ ڏنل زمين اُڦرڪي پوندي آهي، تہ ان لاءِ بہ چوندا آهن تہ زمين پاپڙي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو


جسم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاذ
جادَو
پاپڙي 1
تارُون
جسم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون