پاپ موسيقي (Pop Music ):’پاپ‘ جو اصطلاح ’پاپولر‘ جو مخفف آهي. پاپ ميوزڪ، لوڪ موسيقي کان بلڪل مختلف ۽ نئين صورت آهي. هي موسيقيءَ جو هڪ جديد قسم آهي، جنهن کي اڪثر نوجوان طبقو پسند ڪري ٿو. پاپ ميوزڪ جو آغاز 1955ع کان پوءِ مغربي ملڪن ۾ مقبول ٿيو. شروعات آمريڪا کان ٿي، پر هن ثقافتي ۽ عام موسيقيءَ جي روايتن کي متاثر بہ ڪيو ۽ خود نيون صورتون اختيار ڪيون. هن وقت پاپ ميوزڪ دنيا ۾ وڏي پئماني تي ٻڌندڙن لاءِ فروخت ٿيندڙ موسيقي سمجهي وڃي ٿي. پاپ ميوزڪ کي عوامي موسيقي بہ سمجهيو ويندو آهي. ان ۾ جاز، فلمي گيت ۽ مزاحيہ شاعري بہ شامل ڪري نت نئين ساز ۽ انداز سان پيش ڪيو وڃي ٿو. مغربي ملڪن ۾ راڪ، ريپ ۽ آر اينڊ بي پاپ ميوزڪ جو ڄاتل سڃاتل صورتون آهن.دنيا ۾ پاپ ميوزڪ ذريعي شھرت ماڻيندڙن ۾ مائيڪل جيڪسن گهڻو مقبول رهيو، ان کانسواءِ ڪرسٽينا ايگلرا، ريبي وليمز، نتاشا بيڊ نگفيلڊ، برٽني اسپيئرس، جيمز ميريسن ۽ ڪيلي ڪلرڪسن سميت ٻين پاپ گلوڪارن کي سٺي پذيرائي ملي آهي.پاڪستان سميت ننڍي کنڊ ۾ 80 واري ڏهاڪي کان پاپ ميوزڪ متعارف ٿي، پاڪستان ۾ شروعاتي طور نوجوان گلوڪارن ۾ نازيہ حسن، زوهيب حسن، محمد علي شهڪي، حسن جهانگير، جنيد جمشيد، سلمان، علي عظمت ۽ ٻين پاپ ميوزڪ ۾ پنهنجو فن پيش ڪيو. ڪجهہ گروپ بہ ٺهيا، جن ۾ جنيد جمشيد جو ’وائٽل‘، علي عظمت ۽ سلمان جو ’جنون گروپ‘ گهڻا مشھور ٿيا.پاپ ميوزڪ ۾ ڪجهہ ڪلاسيڪي راڳين پڻ پنهنجيون ڪمپوزيشنس ڏنيون، جن کي استاد نصرت فتح علي خان پنھنجي ڪجهہ مشھور قوالين ۽ رومانوي غزلن کي جديد سازن سان پيش ڪري ڏيھہ پرڏيھہ ۾ شھرت ماڻي، نوجوان راڳي سجاد علي پڻ ڪلاسيڪي سکيا باوجود ڪجهہ گانا پاپ انداز ۾ پيش ڪيا. ائين ئي اڄڪلھہ ٺاهي ڪجهہ ڪلاسيڪي گيتن کي نئين انداز سان ڳايو. ٻين نوجوان فنڪارن ۾ علي حيدر، حديقه ڪياني، عدنان سميع، فاخر، احمد جهانزيب ۽ انيڪ ٻيا گلوڪار پڻ پاپ ميوزڪ جي ڪري مشھور ٿيا.سنڌي راڳين ۾ منظور سخيراڻي، طفيل سنجراڻي، شھريار علي، ٻالڪ سنڌي، ضامن علي ۽ ڪجهہ ٻيا بہ پاپ ميوزڪ مان متاثر ٿي ان انداز سان پرفارم ڪري چڪا آهن. پاپ ميوزڪ ۾ گِٽار، ڊَرمس، پيانو، ڪِي بورڊ، اونگا پونگا، کنجري، اليڪٽرڪ ڊرم وغِره استعمال ڪندا آهن. 80- 90 واري ڏهاڪي ۾ نازيہ حسن جي ڪيترن گيتن پذيرائي حاصل ڪئي. ”جنون گروپ“ وارا اڪثر سڌو سنئون (Live) ڳائي پرفارم ڪرڻ سبب مشھور هئا، پر اڄڪلھہ اهي گروپ ٽُٽي چڪا آهن ۽ ڪي فنڪار الڳ الڳ پرفارم ڪن ٿا تہ ڪي جنيد جمشيد جيان مذهب طرف راغب ٿيا آهن. ڀارت ۾ بہ ڪجهہ پاپ ميوزڪ سنگر اڀريا، اتان جي جڳ مشھور موسيقار اي. آر. رحمان پڻ ڪي گانا پاپ انداز ۾ متعارف ڪرايا.