پاکَرَ

پاکَرَ: هيءُ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ”پوکر“ سان ملي ٿو. لوهي تارُن مان ٺهيل هڪ قسم جي پوشاڪ (قميص)، جيڪا ويڙھہ ۾ سيني ۽ پُٺيءَ کي تلوار جي گهاءَ کان بچائي ٿي. ان کي فارسي ٻوليءَ ۾ ”زرھہ“ چوندا آهن. ’پاکر‘ گهڻن نمونن جي ٺهندي آهي: (1) بنا ٻانهن واري جيڪا فقط سيني ۽ پُٺيءَ جو بچاءُ ڪري، (2) ٻانهن سان، (3) ٻانهن واري زرھہ، جيڪا مٿي ۽ ڳچيءَ جي بچاءَ لاءِ هجي. اها سنهي تار مان ٺهيل ڄاريءَ جي هوندي آهي. ڪي سوار جنگ ۾ پنھنجي گهوڙن کي بہ پاکر (زرھہ) ڍڪائيندا هئا. شاھہ صاحب بہ پاکر لفظ شاعريءَ ۾ ڪم آندو آهي:’ڪلي وير ڪٽڪ ۾، پاکر جو پائي.‘


هن صفحي کي شيئر ڪريو