پاکَرَ2

پاکَرَ2: سنڌ جي رواج موجب درويشن ۽ بزرگن وٽان تبرڪ طور مليل وڳي (سروپا يا جُبي وغيرہ) کي بہ ”پاکر“ چوندا آهن. سنڌ ۾ ”پاکر“ جي روايت هن طرح آهي تہ: سِڪي پني پٽ ڄمندو تہ ان جي خبر مرشد کي ٻڌائيندا تہ مرشد قميص سبائي ٻار جي پيءُ کي ڏيندو يا موڪليندو، جنهن کي بہ ”پاکر“ سڏبو آهي. مريد وري مرشد کي نذراني طور ڪجهہ نہ ڪجهہ پنھنجي پھچ مطابق ڏيندو، جنهن ۾ ٻڪري، اٺ، پاڏو، سون يا روڪ رقم هوندي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو