پاڪستان تحريڪِ انصاف

پاڪستان تحريڪِ انصاف: هي پاڪستان جي هڪ سياسي جماعت آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان عمران خان هن جماعت جو سربراھہ آهي. پاڪستان تحريڪِ انصاف جو نعرو ”انصاف، انسانيت ۽ ذاتي مرتبو“ آهي. پاڪستان تحريڪِ انصاف جو بنياد 1996ع ۾ پيو. هن پارٽيءَ وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين صرف 2008ع وارين چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن جو سبب تڏهوڪي صدر پرويز مشرف جي پاليسين سان اختلافن کان سواءِ پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ کي گهر ۾ نظربند ڪرڻ پڻ هو، جنهنڪري پارٽيءَ جي سڀني ميمبرن پنهنجا نامزدگي فارم ميڊيا جي سامهون ڦاڙي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرشپ مهم، پارٽيءَ جي قائد عمران خان هلائي ۽ ملڪ جي ماڻهن کي پارٽيءَ جي ايجنڊا بابت وڌيڪ آگاهي ڏني. ڪافي وقت تائين اها مھم جاري رهي ۽ تمام وڏي پيماني تي ڪامياب بہ ٿي. ڏيڍ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهن سان گڏ 500 کن وڪيلن بہ ان جماعت ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن جماعت جي منشور جو مکيہ متن آهي تہ ”تحريڪ انصاف جي جدوجھد قائداعظم ۽ علامہ اقبال جي فڪر جي روشنيءَ ۾ هڪ جديد اسلامي جمهوري ۽ سماجي استحصال کان پاڪ معاشرو قائم ڪري تبديلي آڻيندي.“ آزاد عدليه ۽ سستي انصاف واري خواب جي تعبير لاءِ جاکوڙ ڪئي ويندي. تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪري پوري ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نظام لاڳو ڪري، ميٽرڪ تائين لازمي تعليم قرار ڏني ويندي. هن جماعت پنھنجي منشور ۾ اهو بہ ڄاڻايو آهي تہ صحت ۽ علاج لاءِ ”شوڪت خانم اسپتال“ جھڙا فلاحي ادارا پوري ملڪ ۾ کوليا ويندا، امن امان لاءِ عملي قدم کنيا ويندا ۽ آزاد پرڏيهي پاليسي اختيار ڪئي ويندي ۽ صوبائي خودمختياريءَ کي يقيني بڻايو ويندو.


لفظ پاڪستان تحريڪِ انصافھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو