پاڪستان جا بحران ۽ انهن جو حل (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب نامياري سياستدان ۽ اديب ڊاڪٽر مبشر حسن جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن کي سنڌ جي نوجوان ليکڪ ۽ ناول نگار منير چانڊيي سٺي ريت ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ پاڪستان جو سمورو منظرنامو، درپيش مسئلن ۽ سازشن جو تفصيلي احوال شامل آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنھنجي مشاهدي موجب ان سموري منظرنامي جو تجزيو پيش ڪيو آهي. ڊيمي سائيز ۽ رنگين ٽائيٽل تي ڇپيل هيءُ ڪتاب 64 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو ’سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي‘ پاران سيپٽمبر 2009ع ۾ ڇپايو ويو. ڪتاب جي قيمت پنجاھہ رپيا ڄاڻايل آهي.