پاڪستان جمهوري پارٽي: پاڪستان جمهوري پارٽيءَ جو قيام، چئن سياسي جماعتن- جسٽس پارٽي، قومي جمهوري محاذ، نظامِ اسلام پارٽي ۽ عوامي ليگ (نصرالله گروپ) جي گڏجڻ سان 1969ع ڌاري عمل ۾ آيو. 27 ۽ 28 سيپٽمبر 1969ع تي ڍاڪا ۾ پارٽيءَ جو آئين منظور ٿيو. 10 ۽ 11 مارچ 1973ع تي آئين ۾ ترميم ۽ اضافو ڪيو ويو. پارٽيءَ جي منشور ۾ ڄاڻايل آهي ته: (1) ”نظريي پاڪستان جي خيال سان هر حالت ۾ سڀني شهرين جو فرض آهي ته قرآن ۽ سنت مطابق عدل ۽ انصاف، مساوات، آزادي، عالمي اخوت ۽ انساني احترام جي اصولن ۽ اسلامي قدرن جي بنياد تي هڪ جمهوري معاشري جي جوڙجڪ ڪن، (2) پاڪستانين جي خوشحاليءَ ۽ اتحاد جي لاءِ ڪم ڪجي، (3) وطن ۽ اهل وطن جي خدمت، ديانتداريءَ ۽ جانفشانيءَ سان ڪجي. ملڪي مفادن کي ذاتي، علائقائي يا گروهي مفادن تي ترجيح ڏجي. بنيادي حق، چونڊن جو طريقو، پرڏيهي پاليسي، بچاءُ، تعليم، اقتصادي پروگرام، محصولات، صحت، رهائش، زمين، زراعت، پريس، ريڊيو، ٽيليويزن، عدليه، انتظاميه اردو زبان جي ترويج ۽ شراب تي بندش هن پارٽيءَ جي منشور جا اهم نڪتا هئا. جنوري 1977ع ۾ جڏهن ”پاڪستان قومي اتحاد“ جو قيام عمل ۾ آيو ته پاڪستان جمهوري پارٽيءَ کي پاڪستان قومي اتحاد ۾ شامل ڪيو ويو. نوابزادو نصرالله خان هن جماعت جو سربراهه هو. هن 9 اپريل 1977ع تي تحريڪ نظامِ مصطفيٰ جي جلوس جي قيادت به ڪئي هئي. هن قومي اتحاد جي قائم مقام صدر جي حيثيت سان اهم خدمتون انجام ڏنيون. نون گڏيل پارٽين جي اتحاد جو مقصد پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ڊاهڻ هو، جنهن ڏس ۾ کين آمريڪا ۽ برطانيا جي حڪومتن جي مدد به حاصل هئي. آخرڪار 5 جولاءِ 1977ع تي انهن پارٽين جي اپيل تي جنرل ضياءُ الحق ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري، پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي جمهوري حڪومت جو خاتمو آندو.