پاڪستان جو ماضي، حال ۽ مستقبل (ڪتاب ):هي ڪتاب سنڌ جي قومي اڳواڻ جي. ايم. سيد جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ پاڪستان جي قيام جو تاريخي پس منظر، ان جي ٺاهڻ جا سبب، پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ جي صورتحال ۽ پاڪستان جي مستقبل جو تجزيو پيش ڪيل آهي. رنگين ٽائيٽل، پڪي جلد ۽ ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 288 صفحا آهن ۽ قيمت 200 رپيا آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ تعارف گنگارام سمراٽ لکيو آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو جي. ايم. سيد اڪيڊميءَ طرفان 2003ع ۾ شايع ٿيو، جڏهن تہ پهريون ڇاپو ڪيرت ٻاٻاڻي ’سورٺ پبليڪيشن‘ ممبئيءَ پاران 1992ع ۾ ڇپايو.