ميان محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي تصوير

ميان محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف جي تصوير

پاڪستان مسلم ليگ ن

پاڪستان مسلم ليگ (ن ):پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاڪستان جي هڪ سياسي پارٽي آهي، جنهن جي قيادت پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ڪري ٿو. اصلوڪي پاڪستان مسلم ليگ جيڪا 1962ع ۾ وجود ۾ آئي، 1988ع وارين عام چونڊن ۾ اها ٻن ڌڙن (ج) ۽ (ن) ۾ ورهائجي وئي، هڪ جي قيادت پنجاب جو وڏو وزير ميان محمد نوازشريف ڪري رهيو هو ۽ ٻئي جي اڳواڻي محمد خان جوڻيجو ڪــري رهـيــو هـو. مـيــان نـوازشـريـف کي وزيراعظم ٿيڻ جو موقعو تڏهن مليو، جڏهن 1990ع ۾ تڏهوڪي صـدر غـلام اسـحاق خـان، محترمہ بينظير ڀٽو جي حڪومت کي معطل ڪري، نيون چونڊون ڪرايون. پر 1993ع ۾ بہ ساڳي طرح ميان نوازشريف واري حڪومت کي بہ برطرف ڪيو ويو. جنهن بعد محترمہ ٻيهر وزيراعظم بڻي، پر مير مرتضيٰ جي شهادت ۽ ڪجهہ ٻين بحرانن سبب 1996ع ۾ پ پ پ جي ئي چونڊيل صدر فاروق احمد لغاريءَ اسيمبليون ٽوڙيون ۽ چونڊن جو اعلان ڪيو. فيبروري 1997ع ڌاري هڪ دفعو ٻيهر مسلم ليگ نوازشريف جي اڳواڻيءَ ۾ چونڊ کٽي اقتدار سنڀاليو. پنھنجي دؤر ۾ هن ڪجهہ ترقياتي اسڪيمن تي ڪم ڪيو. زرعي قرض، ٽريڪٽر ۽ ييلو ڪئپ گاڏين کي آسان قسطن تي ماڻهن تائين پهچائڻ جي اسڪيم بہ ڏني. ان عرصي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ‍۾ ڪارگل واري محاذ تي جهڙپون بہ ٿيون. تڏهوڪي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف ۽ وزيراعظم ميان نوازشريف وچ‍۾ ڪي اختلاف اڀريا. ٻارهين آڪٽوبر 1999ع تي شام جو اوچتو جنرل پرويز مشرف ڪجهہ اعليٰ فوجي آفيسرن جي مدد سان نواز حڪومت کي برطرف ڪري مٿس ”جھاز سازش ڪيس“ مڙهي گرفتار ڪرايو. جنهن بعد سعودي حڪومت نوازشريف کي سياسي پناھہ ڏئي، پنھنجي ملڪ ۾ ترسايو. ان بعد جنرل پرويز مشرف آرمي چيف رهڻ سان گڏ پاڻ کي پهريان ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽوِ ۽ پوءِ صدر طور بہ چونڊرايو (وڌيڪ ڏسو: پرويز مشرف). 2001ع ۾ مسلم ليگ (ن) کي منظم ڪري باقاعدہ ٻيهر فعال ٿيڻ ۽ جمهوريت لاءِ جدوجھد ڪئي، ان جدوجھد ۾ محترمہ بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف وچ‍۾ ’چارٽر آف ڊيموڪريسي‘ تي اتفاق ڪندي صحيحون ڪيون ويون. ڇاڪاڻ جو 2002ع وارين چونڊن ۾ جنرل مشرف طرفان مسلم ليگ (ق) نالي جوڙيل نئين جماعت جي ڀرپور حمايت ڪئي وئي ۽ نوازليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جهڙين وڏين پارٽين کي ٽوڙڻ لاءِ زور لڳايو ويو. 2007ع ۾ جڏهن محترمہ بينظير ڀٽو وطن ورڻ جو اعلان ڪيو تہ ميان نوازشريف جي ملڪ اچڻ جي راھہ بہ هموار ٿي. 2008ع وارين چونڊن کان اڳ محترمہ جي شهادت جو واقعو پيش آيو. نوازليگ سميت ڪجهہ پارٽين پاران چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو، پر پيپلز پارٽي، آصف علي زرداريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ چونڊون وڙهڻ جو اعلان ڪيو. هنن چوندن ۾ پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت ســان کـٽـي آئـي. پنجاب ۾ نوازليگ 91 سيٽن جي اڪثريت سان کـٽيـو ۽ پ پ پ سان گڏجي حڪومت جوڙي، پر اڳتي هلي وفاقي ڪابينا مان جيڪي بہ نواز ليگ جا ميمبر هئا، تن ڪجهہ اختلافن سبب استعفا ڏئي ڇڏي ۽ وفاق ۾ مخالف ڌُر جي ڪردار ۾ چوڌري نثار کي قائد حزب اختلاف چونڊيو ويو. نوازليگ تڏهوڪي جنرل مشرف هٿان حلف نہ کڻڻ وارو موقف ۽ جنرل پرويز مشرف پاران هٽايل اعليٰ عدليه جي ججن جي بحاليءَ ۾ دير ڪرڻ سبب پ پ پ سان اختلاف رکيا، پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ پ پ جي گڏيل حڪومت ٽن سالن تائين رهي ۽ 25 فبروري 2011ع تي پيپلز پارٽيءَ کي صوبائي حڪومت مان ڌار ڪيو ويو. ميان شھباز شريف پنجاب جو وڏو وزير آهي. سنڌ ۾ نوازليگ جو صدر اڳوڻو وزيراعليٰ سيد غوث علي شاھہ آهي. هن پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻن ۾ مخدوم جاويد هاشمي، چوڌري نثار، احسن اقبال، سردار ذوالفقار کوسا ۽ ٻيا شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو