پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو

پاڪستان پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو ): پاڪستان پيپلز پارٽيءَ مان ڌار ٿيل هن سياسي جماعت جو خالق شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو فرزند ۽ شھيد بينظير ڀٽو جو ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀُٽو هو، مير مرتضيٰ ڀٽي جي شهادت کان پوءِ سندس بيوه غنويٰ ڀٽو پاڪستان اچي پنھنجي مڙس جي شهادت جو ڪيس وڙهيو ۽ پارٽيءَ جي واڳ سنڀالي (ڏسو: ڀٽو، مير مرتضيٰ- جلد ٻيو). مير مرتضيٰ ڀٽو پنھنجي حياتيءَ ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ٺاهيل پيپلز پارٽيءَ جي بنيادي منشور تي قائم رهيو ۽ هن بيگم نصرت ڀٽو کي پيپلز پارٽيءَ جي تاحيات چيئرپرسن رهڻ واري مطالبي تي زور ڀريو. پنھنجي ڀيڻ محترمہ بينظير ڀٽو سان بہ ڪيترائي تنظيمي اختلاف رهيا. جڏهن مير مرتضيٰ ملڪ کان ٻاهر جلاوطن هو تہ محترمہ بينظير ڀٽو کيس ڏيھہ اچڻ کان ان ڪري روڪيندي هئي، جو سندس حياتيءَ کي خطرو هو. مير مرتضيٰ ڀٽو 16 سالن جي ڊگهي جلاوطنيءَ کانپوءِ جڏهن نومبر 1993ع ۾ وطن موٽيو تہ سندس حمايتن هن جو ڀرپور استقبال ڪيو. ڏيھہ اچڻ کانپوءِ هن پ. پ (شھيد ڀٽو) کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ چونڊ وڙهي سنڌ ۾ هڪ صوبائي سيٽ کٽي. سندس اسيمبليءَ ۾ اچڻ ۽ سياست ۾ سرگرم رهڻ ايجنسين کي شايد گوارا نہ رهيو، ان ڪري 20 سيپٽمبر 1996ع جي رات هڪ هٿياربند حملي ۾ مير مرتضيٰ کي سندس آبائي بنگلي ستر ڪلفٽن آڏو ساٿين سميت شھيد ڪيو ويو تہ ان واقعي سبب مـلڪ ۾ وڏو وڳــوڙ ٿيـو. اڳتي هلـي بينظير حڪومت کي سندن ئي چونڊيل صدر فاروق لغاريءَ بـرطـرف ڪـيـو (وڌيـڪ ڏسـو: بينـظيـر ڀٽو- جلد پهريون).پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو گروپ کي باقاعدي 1997ع ۾ غنويٰ ڀٽو نئين جوڙجڪ سان سنڀاليو، پاڻ ان جي چيئرپرسن بڻي. هن پارٽيءَ چونڊن ۾ حصو بہ ورتو. مير مرتضيٰ جي نياڻي فاطمہ ڀٽو (ڏسو: ڀٽو، فاطمہ- جلد ٻيو) پـڻ پارٽـيءَ کي فعال رکڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي. 2008ع وارين چونڊن ۾ هن پارٽيءَ کي سوڀ حاصل نہ ٿي.پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو گروپ) شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي واري پارٽي منشور کي ئي اپنايو، پر مير مرتضيٰ پنھنجي حياتيءَ ۾ ڪي نوان نعرا بهمتعارف ڪرايا، جھڙوڪ: (1) بي زمين هارين کي زمين، (2) بي گهر ماڻهن کي گهر، (3) بيروزگارن کي روزگار، (4) صوبن کي سمورا اختيار ۽ (5) عام ماڻهو جي جان ۽ مال جو تحفظ وغيرہ. سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ش. ڀ) هن جماعت جي ذيلي تنظيم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو