پاڪ سنگهار: ٽنڊي الهيار شھر کان پنج ميل اوڀر طرف پاڪ سنگهار نالي درويش ۽ وليءَ جي درگاھہ آهي، جيڪو پنھنجي وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڪ سنگهار جي ولادت جي تاريخ جو صحيح پتو پئجي نہ سگهيو آهي، پر اندازو آهي تہ سندس ولادت ڏهين صدي هجريءَ ڌاري ٿي. سندس نالو لطيف هو، مگر ماڻهو کيس پاڪ سنگهار جي نالي سان ياد ڪندا آهن. اُن جا ٻہ سبب بيان ڪيا وڃن ٿا. هڪ هيءُ تہ هن بزرگ سڄي عمر شادي نہ ڪئي ۽ پرهيزگار رهي گذاريائين، ان ڪري کيس پاڪ چيو وڃي ٿو. هيءُ سنگهار ان ڪري سڏجڻ ۾ آيو، جو مال سان سندس بيحد پيار هوندو هو. هن بزرگ جو تعلق مٽياري سادات جي لڪياري خاندان سان آهي. هن روايت جي تائيد درگاھہ جي سجادہ نشين فقير محمد ابراهيم پلھہ بہ ڪئي. مشھور بزرگ ساجن سوائي سندس ماسات هو، جيڪو هڪ متقي ۽ ولي ﷲ ٿي گذريو آهي، جنهن جي درگاھہ تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ ’ڪونچي‘ ۾ آهي، جتي هر سال چيٽ جي مهيني ۾ ميلو لڳندو آهي. اُن کان سواءِ هن خاندان ۾ ٻيا ڪيترائي بزرگ ٿي گذريا آهن. درويش پاڪ سنگهار سلوڪ جي تعليم مخدوم نوح سرور هالائيءَ کان حاصل ڪئي. مراقبن ۽ رياضتن کان پوءِ کيس مرشد، دين جي تبليغ ڪرڻ جي اجازت ڏني. درويش پاڪ سنگهار سير ۽ سياحت ڪندي موجودہ ڳوٺ ۾ اچي پهتو ۽ هتي جي سر زمين کيس اهڙي تہ پسند آئي، جو هميشہ لاءِ هتي رهڻ جو فيصلو ڪيائين ۽ هتي هڪ مسجد بہ تعمير ڪرايائين، جنهن ۾ ديني تعليم جو درس ڏيندو هو. سندس ٺهرايل مسجد اڃا بہ ڳوٺ پاڪ سنگهار ۾ موجود آهي. درويش جي درگاھہ تي هر مهيني جي پهرئين سومر تي ميلو لڳندو آهي، جتي ماڻهو پنھنجي عقيدي موجب اچي کير تقسيم ڪندا آهن. هن درگاھہ تي ساليانو ميلو ستين صفر کان ڏهين صفر تائين لڳندو آهي. ان کان سواءِ ميلي ۾ ملاکڙو بہ ٿيندو آهي. قديم دستور موجب درگاھہ جي الهندي پاسي نائين صفر جي رات درگاھہ جي سجادہ نشين جي موجودگيءَ ۾ سماع جي روح پرور محفل ٿيندي آهي، جنهن ۾ مخدوم نوح جا بيت (ڏهر) چيا ويندا آهن. درگاھہ جي ڀرسان زائرين جي رهڻ لاءِ هڪ چئن ڪمرن جي مهمان سراءِ ٺهيل آهي. درگاھہ جو موجودہ سجادہ نشين فقير محمد محب پلھہ آهي.