پاڪ فقير: ضلعي نوشهري فيروز جي تعلقي ڀريا سٽي کان ٻہ ڪلوميٽر اتر طرف پاڪ فقير جي درگاھہ آهي. هيءَ بزرگ ڪيرين جي قبيلي سان تعلق رکندو هو. درگاھہ ۾ ٻہ تربتون آهن، جن مان هڪ پاڪ فقير جي پٽ جي چئي وڃي ٿي. درگاھہ جي اتر ۾ هڪ مسجد بہ اڏيل آهي. هن بزرگ لاءِ مشھور آهي تہ هالن واري مخدوم نوح سروريءَ جو خاص خليفو هو. علائقي ۾ رهندڙ چانڊين جي قبيلي جا ماڻهو ساڻس وڌيڪ عقيدت رکن ٿا. هر مهيني جي پهرئين سومر تي هتي لنگر نياز تقسيم ڪيو ويندو آهي. هتي جججهي تعداد ۾ ماڻهو زيارت لاءِ ايندا رهن ٿا. هن وقت درگاھہ جو مجاور فقير ڪيريو آهي. درگاھہ جي آسپاس عيسن سوائي ۽ پير ڪُنڍي جون درگاهون بہ مشھور آهن. هنن درگاهن جي آسپاس باغ آهن، جنهن سبب هي جايون شھر جي نوجوانن لاءِ شام جي وقت تفريح جو باعث بہ بڻيل آهن.