پاڻيارا پکين جي تصوير

پاڻيارا پکين جي تصوير

پاڻيارا پکي1

پاڻيارا پکي1 (Aquatic Birds ):پکين جي هن گروھہ ۾ اهي سڀ پکي شامل آهن، جن کي پاڻيءَ ۾ ترڻ اچي ٿو. اهڙن پکين جي پيرن جون آڱريون هڪ سنهي پردي سان ڳنڍيل هونديون آهن، آڱرين ڳنڍيل پير پاڻيارن پکين کي ونجهہ وارو ڪم ڏين ٿا، جن کي هلائي اهي پاڻيءَ ۾ تري سگهن ٿا، پاڻيارا، پکي ترڻ سان گڏوگڏ ٽٻيون هڻڻ بہ ڄاڻندا آهن، خاص طور ٽھڙ ٽٻي هڻڻ جي معاملي ۾ گهڻو مشھور آهي. هيءُ پکي پاڻيءَ جي هڪڙي پاسي کان ٽٻي هڻي وڃي ٻئي ڀر کان نڪرندو آهي، پاڻيارن پکين جا کنڀ پاڻيءَ کان محفوظ (Water Proof) هوندا آهن، جنهن ڪري مسلسل پاڻيءَ ۾ رهندي بہ آلا ناهن ٿيندا ۽ ضرورت پوڻ تي پکي پاڻيءَ تان ڀڙڪو ڏئي اڏامڻ لڳندا آهن. ڏيهي (Native) پاڻيارا پکي: پيئڻ (Pelican)، ڪانئرو (Cormorant)، کينڻاٺي (Moorhen)، ٽھڙ (Little Grebe)، ڪڳ (Tern). پرڏيهي (Migratory) پاڻيارا پکي: (1) نيرڳ / نيرڳو / نيرڳي (Mallard)، (2) ڪرڙو (Common Taal)، (3) ڊگوش (Pintail)، (4) رتب (Red Cressed Pochard)، (5) ٿورو هنرو/ ٿورهانڊو (Common Pochard)، (6) روهارو (Yellow-eyed Duck)، (7) ڦاراهو (Wigeon)، (8) ٻولاهي (Coot)، (9) ڳنو اڇو/ هنجهر (Ruddy helduck)، (10) ٿر نيرڳو (Common Shelduck)، (11) منگهہ (Grey Goose)، (12) هنج (Swan)، (13) ڳيڻو/ لنگهو (Shoveller)، (14) ٻورڻو/ٻهاڙ (Gad Wall)، (15) وڏو ٽھڙ (Great Crested Grebe)، (16) ٽـٻــر (Driver)، (17) چـيـھہ (Wood duck)، (18) کانبـاهـو (Shag)، (19) ڇاڙهو (Marbled teal)، (20) چيڪلو (Garganey teal)، (21) لاکي ڄاڃي (Flamingo)، (22) ڪنگ (Tern) (ڪجهہ قسم)، (23) ڪينو (Gul) (ڪيترائي قسم).


هن صفحي کي شيئر ڪريو