پاڻياري

پاڻياري: کوھہ يا گهاٽ يا نار تان پاڻي ڀريندڙ، گهڙا ڀري ايندڙ ناريءَ کي ’پاڻياري‘ چيو ويندو آهي. اهو لفظ ٿوري گهڻي اُچاري فرق سان سڄي ننڍي کنڊ ۾ ڪتب آندو ويندو آهي. هنديءَ ۾ ’پنگهٽ‘ (پن = پاڻي + گهٽ = جڳھہ، گهاٽ، تڙ)، پاڻيءَ ڀرڻ واري جڳھہ کي چيو ويندو آهي. لطيف سائين لفظ گهٽ/ گهاٽ بہ استعمال ڪيو آهي:”جن کي سڪ ساهڙ جي، سي گهيڙ نہ ڏسن گهاٽ“سنڌ جي ٻهراڙين ۾ کوھہ يا گهاٽ وغيرہ تان پاڻي ڀرڻ جو ڪم عورتون ڪنديون آهن. هي پورهيت عورتون ميلن جا ميل مٿي تي ٻہ ٻہ گهڙا کڻي پنڌ ڪنديون آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ سندن ان پورهئي کي علامت طور بہ استعمال ڪيو ويو آهي. شاھہ ڪريم جي شاعريءَ ۾ پاڻياريءَ جو ذڪر هن ريت ٿيل آهي:پـاڻيـاري سڀـڪــا، جــا سـر گهـــڙو ڌري،ڪا لئہ سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.پاڻيـاريءَ سـر ٻـهـڙو، جـر تـي پکـي جيئـن،اَسـان سـڄـڻ تيـئـن، رهـيـو آهـي روح ۾.


لفظ پاڻياريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو