پاڻياري: کوهه يا گهاٽ يا نار تان پاڻي ڀريندڙ، گهڙا ڀري ايندڙ ناريءَ کي ’پاڻياري‘ چيو ويندو آهي. اهو لفظ ٿوري گهڻي اُچاري فرق سان سڄي ننڍي کنڊ ۾ ڪتب آندو ويندو آهي. هنديءَ ۾ ’پنگهٽ‘ (پن = پاڻي + گهٽ = جڳهه، گهاٽ، تڙ)، پاڻيءَ ڀرڻ واري جڳهه کي چيو ويندو آهي. لطيف سائين لفظ گهٽ/ گهاٽ به استعمال ڪيو آهي:”جن کي سڪ ساهڙ جي، سي گهيڙ نه ڏسن گهاٽ“سنڌ جي ٻهراڙين ۾ کوهه يا گهاٽ وغيره تان پاڻي ڀرڻ جو ڪم عورتون ڪنديون آهن. هي پورهيت عورتون ميلن جا ميل مٿي تي ٻه ٻه گهڙا کڻي پنڌ ڪنديون آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ سندن ان پورهئي کي علامت طور به استعمال ڪيو ويو آهي. شاهه ڪريم جي شاعريءَ ۾ پاڻياريءَ جو ذڪر هن ريت ٿيل آهي:پـاڻيـاري سڀـڪــا، جــا سـر گهـــڙو ڌري،ڪا لئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.پاڻيـاريءَ سـر ٻـهـڙو، جـر تـي پکـي جيئـن،اَسـان سـڄـڻ تيـئـن، رهـيـو آهـي روح ۾.