پاڻيڻي: هن جو جنم سنڌوءَ جي ڪناري واري شھر اٽڪ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ’شلاتلا‘ ۾ ٿيو. ڪجهہ عالمن سندس جنم چوٿين، پنجين، ڇهين ۽ ستين ق. م ڄاڻايو آهي، پر ان جو ڪو بہ ثبوت نہ ٿو ملي. چيو وڃي ٿو تہ پاڻيڻي سنسڪرت ٻوليءَ جو ڄاڻو هو، هن سائنسي بنياد تي سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظن جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي، انهن کي نئين شڪل ڏني، لفظن جا اچار ٺاهيا ۽ اچارن مان پيدا ٿيندڙ آوازن کي صحيح انداز ۾ ڳالهائڻ جا اصول مقرر ڪيا. سنسڪرت جي معنيٰ آهي ’مڪمل‘. هن ٻوليءَ کي ديوتائن جي ٻولي سمجهيو ويندو آهي ۽ عام ماڻهوءَ کي ڳالهائڻ تہ ڇا پر ٻڌڻ جي اجازت بہ نہ هوندي هئي. اهو ئي سبب آهي جو سنسڪرت عوامي ٻولي ٿي نہ سگهي ۽ هوريان هوريان بلڪل ئي ختم ٿي وئي. سنسڪرت گرامر جي حوالي سان پاڻيڻيءَ استڌيائي (Astadhyai) نالي ڪتاب لکيو، هي ڪتاب اٺن ’بابن‘ تي مشمل هو ۽ هر باب جا چار ننڍا باب هئا. هن ڪتاب ۾ پاڻيڻي خدائن جي ۽ عام ماڻهن جي ٻوليءَ کي الڳ الڳ ڪيو ۽ ان لاءِ ڪجهہ قائدا قانون ڪتب آندا، هن سنسڪرت ۾ استعمال ٿيندڙ اکرن، لفظن ۽ جملن جون 1700 ترتيبون ڏنيون. مثال: جملي جي ترتيب، گڏيل نالن جي ترتيب، آواز ۽ لفظن وغيرہ جون ترتيبون. درحقيقت پاڻيڻي کان اڳ عام ڳالهائي ويندڙ سنسڪرت ٻولي، ڪجهہ گرامر جي اصولن سبب هڪ خاص مقصد لاءِ استعمال ٿيڻ لڳي، جنهن جي ڪري اها عوامي ٻوليءَ واري پنھنجي حيثيت وڃائي ويٺي.