پاڻي کولڻ: ٿر ۽ راجسٿان جي هندن وٽ هيءَ رسم عام آهي ته جڏهن گهوٽ ساهرن ۾ پهريون دفعو ويندو آهي، تڏهن ساهُري گهر جيڪڏهن پيئڻ لاءِ پاڻي گهربو ته ساليون چونديون ”پاڻي ٻڌل آهي“، ”گهوٽ پوءِ پاڻي کولڻ جا ڪي ٻول چوندو، تڏهن ساليون کيس پاڻي پيارينديون. اهي ٻول هڪجهڙا ۽ مختلف هوندا آهن. مثال طور:ڪسوئي مهين ڪٻوتر ٻولئه، ٻولئه امرت واڻِي،ٻڌان ساڙيان را لال گهاگهرا، ڇُوٽو مارو پاڻِي. [کوهه منجهه ڪبوتر پيو ٻولي، سندس آواز مٺو آهي، آءٌ سالين جا ڳاڙها گهاگهرا ٻڌان ٿو، منهنجو پاڻي کُلي ويو آهي.]