پاڻي (ڪتاب ):هي وسيم سومري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ طويل هائيڪو نظم شامل آهي، جيڪو سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي. هن ڪتاب تي مختلف ليکڪن پنهنجا رايا ڏنا آهن، مهاڳ ۾ ناليوارو اديب تاج جويو لکي ٿو تہ ”وسيم سومري جو هيءَ طويل هائيڪو - نظم جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ”سنڌو درياھہ جي ڪيڏاري“ ۽ سنڌوءَ تي رٿيل ڊئمن ۽ ڪئنالن - ڪالاباغ ڊئم، ٿل ڪئنال وغيرہ خلاف سنڌي ماڻهن جي مزاحمتي تحريڪ جي علامت طور ادبي تاريخ ۾ زندہ رهندو.“ ڪچي جلد سان، هي ڪتاب امرتا پبليڪيشنز، حيدرآباد پاران 2006ع ۾ شايع ڪيو. 64 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي.