
پاڻ ڪريمن صه جي هجرت ۽ مدني زندگي ڪتاب جي تصوير
پاڻ ڪريمن صہ جي هجرت ۽ مدني زندگي (ڪتاب ):هن ڪتاب جو مصنف ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيه لاڙڪاڻوي آهي، هيءُ ڪتاب سيرت رسالت ماب صلي ﷲ عليہ وسلم جن تي لکيل آهي، ان احساس کان تہ عام خاص ۽ ننڍو وڏو ماڻهو پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي مثالي زندگيءَ کي اختيار ڪري پاڻ کي لائق انسان بڻائي ۽ پنھنجي هيءَ دنيا ۽ آخرت سنوارين، هن ڪتاب ۾ ڪل 11 مضمون شامل آهن، 248 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو هديو 50 روپيا آهي، هن ڪتاب کي 1993ع تي هادي پبليڪيشن، سرهيا محلا لاڙڪاڻي پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.