پاھہُ2
پاھہُ2: پسارڪي وکر جو هڪ قسم، جيڪو جبل جي پيدائش آهي. حڪيمن جو چوڻ آهي تہ ان کي پاڻيءَ ۾ پُسائي، آٺرائي پاڻي ڪڍي، گُرڙيون ڪبيون تہ وات جي پَچَ ۽ وات جي مهارن ۽ ڦرڙين کي فائدو ڏيندو آهي ۽ وات جي بدبوءِ ڪڍي ٿو ۽ انهيءَ پاڻيءَ سان ڦٽن کي ڌوئڻ سان ڦٽن ۾ بدبوءِ نہ ٿيندي آهي.