پتاشو

پتاشو: هڪ قسم جي مٺائي، کنڊ جي چاش مان ٺهيل اڇي گول ٽڪي، پتاشا مٺائيءَ طور خوشيءَ وارن موقعن (شادي، نڪاح، طوهر وغيرہ) تي ورهائبا آهن. ”پتاشو“ مٺو ٿيندو آهي، انهيءَ ڪري نهايت مٺي شيءِ جي پتاشي سان ڀيٽ ڪندا آهن. جيئن: ”پتاشو انب“، جيڪو تمام مٺو ٿيندو آهي، ان ڪري انب جي ان جنس تي ”پتاشو“ نالو رکيو ويو. اهڙيءَ طرح کجيءَ جي هڪ جنس گهڻي مٺي ٿئي ٿي، تنهنڪري کجيءَ جي انهيءَ جنس کي ”پتاشو کجي“ چوندا آهن. پتاشن جو شربت تپ جي گرمي ۽ اُڃ گهٽائي ٿو، ڳوٺن ۾ ان کي سُنڍ، ڪارن مرچن، ڦوٽن ۽ گيھہ ۾ ڳاري پيئندا آهن تہ کنگهہ ۾ فائدو ڏيندو آهي. هيءُ طعام کي هضم ڪرڻ لاءِ بہ مفيد سمجهيو ويندو آهي. ٻهراڙين ۾ اڄ بہ ڪٿي ڪٿي خوشيءَ جي موقعن تي پتاشا ورهايا ويندا آهن.


لفظ پتاشوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو