پتاشو ڪلوئي

پتاشو ڪلوئي: مشھور سگهڙ ۽ شاعر پتاشو ڪلوئي، ڳوٺ ’سرڪاري کوھہ‘ تعلقي دولتپور ضلعي نوابشاھہ ۾ 1919ع ڌاري ڄائو. سگهڙ پائيءَ جي هر صنف، جھڙوڪ ڏور، ڳجهارت، پرولي، ڏٺ، معما، ڏهس، هنر ۽ سينگار جو تمام سٺو شاعر رهيو آهي. تعليم فقط پرائمري پڙهيو پر ڪلام تمام عمدو چيو اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو