پتافي بھاءُ الدين بھائي مولوي

پتافي، بهاءُالدين ”بھائي“، مولوي: مولانا بھاءُ الدين ”بهـائيِ“ ولد جلال الدين پتافي، 1239 ھہ/ 1823ع ۾ ڳوٺ نصير ڪوٺي لڳ گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. هُو پتافي قبيلي جي ”ڀاوناڻي“ شاخ مان هو. مولوي سيد علي اڪبر شاھہ وٽ فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مختلف مدرسن ۾ درس ڏيندو رهيو. هو وڏو عالم ۽ مصنف هو، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ سندس 21 ڪتاب لکيل آهن. شعر ۽ شاعري ۾ بہ پنهنجو مٽ پاڻ هو. فارسيءَ ۾ سندس شاعري موجود آهي. 114 سالن جي عمر ۾ 24 محرم 1352ھہ/ 1933ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو