پِتَل: ڌاتوءَ جو هڪ قسم، جيڪو ٽامي ۽ جست ملائڻ سان ٺهندو آهي، جنهن ۾ ٽامو 60 سيڪڙو ۽ جست 40 سيڪڙو هوندو آهي. ٽامي ۽ جست جي جدا جدا انداز ۾ ملائڻ سان به پتل ٺهندو آهي، جيڪو هيڊي رنگ جو ٿيندو آهي.