
پتلين جو تماشو ڪتاب جي تصوير
پتلين جو تماشو (ڪتاب ):ٻارن لاءِ خوبصورت شاعريءَ تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ادل سومرو آهي. ٻارن جي لاءِ ادل سومري هن مجموعي ۾ تمام دلچسپ ۽ لاجواب شاعريءَ کي شامل ڪيو آهي. ٻاراڻي شاعريءَ جي هن دلچسپ ڪتاب جي قيمت پنج روپيا آهي ۽ ان جو پهريون ڇاپو، آگم پبليشنگ ايجنسي حيدرآباد طرفان 1982ع ۾ شايع ڪيو ويو. جڏهن تہ ان ڪتاب کي نئين ٽائيٽل سان ٻيهر ’ڪاڇو پبليڪيشن‘ ڪراچيءَ طرفان 2008ع ۾ ڇپايو ويو آهي.