پتنگ جي تصوير
پتنگ: هيءَ جيت پوپٽ جي گروهه سان تعلق رکندڙ آهي، جيڪو هميشه پاڻ کان وڏن ۽ مفت خور جيتن ۽ جانورن جو شڪار ٿيندو رهندو آهي، پر فطرت کيس انهيءَ حالت کان پاڻ بچاءَ لاءِ هڪڙو اهڙو گڻ يا جبلت ڏني آهي، جنهن سان هو پنهنجو بچاءُ ڪندو آهي، هن جيت جو وڏي ۾ وڏو دشمن چمڙو آهي. پتنگ جي وڏي ۾ وڏي بدبختي هيءَ آهي، ته هي ‘Nocturnal’ يعني رات جو نظر ايندڙ جيت آهي ۽ چمڙي جي فطرت به ساڳي آهي، جو ٻئي رات جي وقت سير ۽ شڪار ڪندا آهن. پتنگ جي پرن ۾ قدرت ايتري ۽ ايڏي حِس رکي آهي، جو هوا ۾ پيدا ٿيندڙ ٿورڙين لهرن ۽ لوڏن کي به هڪدم جهٽي ۽ محسوس ڪري سگهندو آهي ۽ جڏهن به چمڙو هوا ۾ اڏامندي، سندس ويجهو ايندو آهي ته هي هوا ۾ پيدا ٿيندڙ لهرن کي جهٽي اهڙي ته ٽٻي هڻندو آهي يا هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويندو آهي، جو چمڙي کان گهڻو پري ۽ پاسيرو هليو ويندو آهي ۽ اهڙي طرح هي ننڍڙو ٻن پرڙن وارو جيت چمڙي جهڙي ظالم جانور کان پاڻ بچائيندو آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هن جو ڪافي ذڪر آيل آهي، جهڙوڪ: پتـنگن پهه ڪئو، مِڙيـا مٿـي مـچ، پسي لهس نه لچيا، سـڙيا مٿي سچ، سنـدا ڳچيـن ڳـچ، ويچـارن وڃائيـا.