پتورتاڌرم

پَتوَرتا ڌرم (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب ورهاڱي کان ڪافي اڳ ليکڪ واڌومل مولچند لکيو هو. رايل سائيز جي هن ڪتاب ۾ 40 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت صرف ٻہ آنا ڇھہ پايون ڄاڻائي وئي آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، ڏني مل بصر مل، وديا ساگر پريس، حيدرآباد مان سال 1914ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ هندو ڌرم سان لاڳاپيل عورتن لاءِ مشرقي قدرن کي بحال رکڻ ۽ پنھنجي سَت/ پتورتا کي قائم رکڻ بابت مواد شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو