پتڻ

پتڻ

پتڻ

پتڻ:درياھہ يا وڏي واھہ جو اهو هنڌ، جتان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پار وڃجي، درياھہ پار ڪرائڻ واري ٻيڙيءَ جي پُور کي بہ پتڻ چوندا آهن. پتڻ يا ٻيڙيءَ ۾ ماڻهن سان گڏ جانور بہ پار ويندا آهن. ٻيڙيءَ ۾ ٻيا وهٽ تہ سولائيءَ سان چڙهندا آهن، پر ”اُٺ“ پتڻ تي ڏاڍو ڏکيو چڙهندو آهي. اُٺ کي ماري ڪُٽي پتڻ تي چاڙهيندا آهن. تڏهن پهاڪو جڙيو آهي تہ: ”جيئن اُٺ پتڻ تي ڪُٽجي“. پتڻ جون حدون مقرر ٿيل هونديون آهن. آڳاٽي وقت ۾ حڪمران، پتڻ مقاطعي تي ڏيندا هئا، هاڻي بہ حڪومت پتڻ جو محصول وصول ڪندي آهي. پتڻ ٻن قسمن جا هوندا آهن، هڪڙا سرڪاري پتڻ، جيڪي مقاطعي تي کنيل هوندا آهن ۽ ٻيا راڄوڻي پتڻ. راڄوڻي پتڻ راڄ جي ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ هوندا آهن، انهن جا پاتڻي سال تي راڄ کان آهت وٺندا آهن. ان جا داڻا يا پڪل ماني، جيڪا مَڙَھہ جي دفن ڪرڻ مھل مقامي فقير کي ڏجي تہ اُن کي بہ ”پتڻ“ چئبو آهي.


لفظ پتڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو