پتڻ آباد

پتڻ آباد: هي پتڻ درياھہ جي اوڀر ۾ ڪنڊياري تعلقي ۾ موجود هو، ڌاڙيلن واري دور ۾ سنڌو درياھہ جا سڀ پتڻ پوليس بند ڪرائي ڇڏيا هئا. پتڻ آباد، ڪنڊياري تعلقي جو وڏو تڙ ۽ پتڻ هو. تڙ/ پتڻ آباد جي مٿان شِوَ جو مندر هو، هن تڙ تي پلن جي مڏي بہ هوندي هئي . ڪوٽڙي بئراج کان اڳ درياھہ جي ٻنهي پاسن تي پلن جون مڏيون هيون، جن تي ٺيڪيدارن طرفان منشي رکيل هوندا هئا، جن کي ”سوپڙيو“ چوندا هئا.


لفظ پتڻ آبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو