پتڻ رڪڻ: دادو ضلعي ۾ هي پتڻ سنڌو درياھہ جو مشھور ۽ تاريخي پتڻ ۽ ماضيءَ ۾ سنڌ جو وڏو شھر هو. هن جي قدامت مهين جي پتڻ جيتري چئي وڃي ٿي، رڪڻ شھر کي سنڌو درياھہ ست ڀيرا ٻوڙيو هو، پر هر دفعي پائجڻ کان پوءِ وري بہ سنڌو درياھہ جي ڪناري سان اڳئين کان اڳرو شھر ٻڌرايو ويندو هو. پهريون رڪڻ سنڌو درياھہ جي اوڀر ۾ مٺياڻي۽ ٺٽ ڳوراهي کان اولھہ طرف وچ تي هو. چوٿون نمبر رڪڻ تمام وڏو شھر ۽ وڏو بندر هو. هن بندر جا ٻيڙيائتا مشھور هئا. جن جا سامونڊي ٻيڙا، جن کي غوراب، واهڻ يا واڻ چوندا هئا، سنڌ جي ٽن بندرن رڪڻ، مانجهو ۽ شاھہ بندر تي ٺهندا هئا. اهي غوراب دنگيءَ جي نموني هوندا هئا ۽ ان قسم جي نموني وارا ٻيڙا سمنڊ جي ڇولين جو زور جهلي سگهندا هئا. سنڌو درياھہ بہ ان زماني ۾ پاڻيءَ جي لحاظ کان سمنڊ لڳندو هو. آرڪيالاجي جا ماهر چون ٿا تہ سنڌ ۾ پنجن ميلن کان وڏو ڌرتيءَ جو ٽڪر نہ ملندو، جنهن کي سنڌو درياھہ نہ اٿلايو هجي. کيرٿر جبلن کان راجسٿان تائين سنڌوءَ پنهنجا وهڪرا بدلايا آهن. منڇر ڍنڍ بہ درياھہ جو پيٽ آهي.