پدمـات

پدمـات: عمرڪوٽ کان اتـر اوڀرندي ڪنڊ تي هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي ”روحل واءِ“ سڏجندڙ علائقو دراصل ”پدمات“ آهي، جنهن جو مختصر تذڪرو عمرڪوٽ جي قديم ترين نالي پويان ”پدمات جا پٽ“ جي صورت ۾ ملي ٿو. هي هنڌ روحل فقير زنگيجي (ڪنڊڙيءَ جي ڪلاسيڪي شاعر) جي رياضت جو مقام آهي ۽ ان ئي نسبت سان هيءُ علائقو هاڻي روحل واءِ سڏجڻ ۾ اچي ٿو. هينئر بہ روحل فقير جي آستاني کان ٿورو پرڀرو پدمات جا آثار چٽا نظر اچن ٿا. جيڪي ايامن گذرڻ ڪري ڀُريل حالت ۾ آهن. عمرڪوٽ جي مشھور شاعرن ”جمن دربدر“، ”حليم باغي“ ۽ ”حاجي ساند“ گڏجي هڪ اشاعتي ادارو پڻ ”پدمات“ جي نالي سان جوڙيو آهي، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪجهہ ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ڪنڊڙيءَ جي مشھور شاعر مراد فقير هڪ بيت ”وٺا پٽ پدمات جا“ ۾ پدمات جو ذڪر ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو