پدمني

پدمني (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناٽڪن جو مجموعو آهي، جيڪو ”پدمني يا ملڪ جي شيوا“عنوان سان خانچند درياڻيءَ 1923ع ۾ لکيو هو. خانچند درياڻي هن ناٽڪ جي ديباچي ۾ لکيو آهي تہ ”ڪِنيا مھا ودياليه“ (ڪراچي) جي بانيڪارن ”حيدرآباد اميچوئرس“ وارن سان ملي هڪ ناٽڪ جو بندوبست ڪيو، جن اسڪول جي سهائتا لاءِ پنهنجو مشھور ناٽڪ ”پَتي شيوا“ 24 فيبروري 1923ع تي ڪراچيءَ ۾ ڏيڻو ڪيو، پر ڪن سببن ڪري اهو ڪونه ٿي سگهيو. ناٽڪ جون ٽڪيٽون اڳ ئي وِڪامي چُڪيون هيون، ان صورت ۾ اسان جي نئين اميچوئر ڪلب ”دي سنڌ سوشل لٽرري ڊرئميٽڪ ايسوسيئيشن“ اسڪول کي ساڳيءَ تاريخ ناٽڪ ڪري ڏيڻ جو انجام ڏنو“. مطلب تہ نہ صرف ٿوري وقت ۾ خانچند درياڻيءَ ڄاڻايل عنوان وارو ناٽڪ لکي ورتو، پر تيار بہ ڪري ڏيکاريو. هن ڊرامي ۾ هندو مسلم اتحاد تي گهڻو زور ڏنو ويو آهي ۽ انگريزن کان نفرت ڏيکاريل آهي. هن ۾ پدمني نالي نوڪرياڻي پنھنجي مسلمان مالڪ جي جان بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿي. هڪ سٺي سماجي ڪهاڻيءَ سان گڏ هن ۾ آزاديءَ جو فڪر بہ سمايل آهي.


لفظ پدمنيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو