پدمڻي

پدمڻي: ”پدم“ سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڪنول جو گل“ يا ”گلِ نيلوفر“. هن گل جي نزاڪت ۽ سونهن جي لحاظ سان سنسڪرت ۾ نازڪ ۽ حسين عورت کي ”پدمڻي“ جو صفاتي نالو مليو ۽ جنسيات جي لحاظ سان عورت جي چئني قسمن ((1) پدمڻي، (3) چترڻي، (3) سنکڻي، (4) هستڻي) ۾ ”پدمڻي“ قسم جي عورت کي سڀني جو سرتاج ڪري مڃيو ويو آهي. هنديءَ ۾ ”پدمني“ جو تلفظ ڦري ”پدمڻي“ ٿيو، جيئن جنسياتي نظريي جي مؤجدن ”پدمڻي“ قسم جي عورت جون وصفون لکيون، تيئن سگهڙ شاعرن بہ پنھنجي تخيل جو ڪؤنتل ڪُڏايو ۽ ”پدمڻي“ عورت جي حُسن جون خاص خوبيون بيان ڪيون.
سنڌ ۾ ”پدمڻي“ جي وصفن بابت جيڪي شعر مشھور آهن، تن جي ابتدا اسان جا سگهڙ اڪثر هڪ خيالي قصي سان ڪندا آهن، جنهن جو حاصل مطلب هيءُ آهي تہ اڪبر بادشاھہ، بيربل کي پنھنجي حرمسراءِ ۾ وٺي ويو، انهيءَ لاءِ تہ هو فيصلو ڪري تہ حرمسراءِ جي راڻين مان ڪا پدمڻي بہ آهي يا نہ؟ اڪبر ڇھہ چونڊ زالون هڪ ٻئي پويان بيربل کي ڏيکاريون ۽ هن هر هڪ بابت نظم جي هڪ مصرع ۾ جواب ڏنو تہ انهن مان ڪابہ پدمڻي ڪانهي:
”ڪھي بيربل سڻو شاھہ اڪبر، اِسي گهر نهين نار پدمڻي.“
درحقيقت نظم جون اهي مصرعون ڪنهن سگهڙ شاعر جي تخيل جو نتيجو آهن، جنهن ۾ هن نشست برخواست جي ڪن خاص سنجيدہ وصفن کي مدنظر رکي ”پدمڻي“ ۽ ٻين عام رواجي عورتن جو فرق بيان ڪيو آهي، انهن مصرعن جو مٿئين قصي سان ڪوبه خاص تعلق ناهي. اهي مصرعون هي آهن:
پدمڻي تو پلڪ نيندر، پَهر نيندر ڪامڻي،
اڌ رات جاگي اِستري، اور سورج جاگي سنکڻي.
]پدمڻي اهڙي نازڪ ۽ ٿور-نِنڊي (شب خيز) آهي، جو ان جي ننڊ هڪ پلڪ کن مس آهي، جيڪا عورت هڪ پھر ننڊ ڪري سا پدمڻي نہ چئبي، پر ”ڪامڻي“ يا هڪ چڱي معياري عورت چئبي، ۽ جيڪا عورت ٻہ پھر ننڊ ڪري ۽ اڌ رات جو جاڳي، سا ڄڻ استري ۽ عام رواجي عورت آهي، ۽ جيڪا سڄي رات سمهي ۽ سج اڀريي اک پٽي، سا ”سنکڻي“ يعني خالي نالي جي عورت آهي.[
پدمڻي تو پَوَن جاگي، پائون جاگي ڪامڻي،
سڏ جاگي استري، اور سَٽ جاگي سنکڻي.
]پدمڻي ايڏي حساس آهي، جو ٿوري تيز هوا لڳڻ سان سجاڳ ٿيو پوي، جيڪا پير جي اشاري سان سجاڳ ٿئي، اها ”ڪامڻي“ آهي، جيڪا سڏ سان جاڳي اها عام رواجي استري آهي، باقي جنهن کي سَٽ ڏئي پَٽي سجاڳ ڪجي، سا خالي نالي جي عورت آهي.[
پَدمڻي تو پانچ تولا، ڏَس جِيمي ڪامڻي،
اڌ پاءَ جيمي استري، سير جِيمي سنکڻي.
]پدمڻيءَ هڪ وقت تي پنج تولا اَن کائيندي آهي، جيڪا ڏھہ تولا کائي سا ڪامڻي چئبي، جيڪا ويلي تي اڌ پاءُ کائي، سا عام رواجي عورت آهي ۽ جيڪا هڪ سير جيترو اَن کائي، سا ڪامڻي يعني رڳو نالي جي عورت آهي.[
پدمڻي تو سات برسي، پانچ برسي ڪامڻي،
تين برسي استري، اور بارهن ماسي سنکڻي.
]پدمڻي ستن ورهين بعد ٻار ڄڻي، جيڪا پنجن ورهين بعد ٻار ڄڻي سا ڪامڻي چئبي، جيڪا ٽن ورهين جي وٿيءَ بعد ٻار ڄڻي سا عام رواجي عورت آهي، باقي جيڪا ٻارهين مهيني ٻار ڄڻي، سا خالي نالي جي عورت آهي.[
پدمڻي تو هَنس چالي، گَج چالي ڪامڻي،
مور چالي استري، ڍور چالي سنکڻي.
]پدمڻي هلي تہ ڄڻ هنج وانگر ٽلي، جنهن جي هاٿي (گنج) جهڙي سھڻي چال آهي سا ڪامڻي آهي، جا مور وانگر هلي سا استري چئبي، باقي جا ڍورن وانگر هلي، سا خالي نالي جي زال آهي.[
پدمڻي تو کڙيا ڪيسي،ڪڙيان ڪيسي ڪامڻي،
ارھہ ڍڪي استري، اور ڪَنان ڪيسي سنکڻي.
]پدمڻي عورت اها آهي جنهن جا ڊگها (ڪيس) وار پويان کڙين تي پيا پون، جنهن جا وار چيلھہ تائين بيهن، سا ”ڪامڻي“ چئبي، جنهن جا وار اُرھہ ڍڪي بيهن سا عام رواجي استري آهي، باقي جنهن جا وار ايترا ڇوٽا هجن، جو ڪَنن تائين پهچن، سا تہ خالي نالي جي عورت آهي.[
مٿين دوهن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو تہ اهي شاعرن جي تخيل جو نتيجو آهن. ”پدمڻي تو هنس چالي“ وارو فقرو اصلي آهي ۽ غالباً ان کان متاثر ٿي سگهڙن مٿيون مصرعون بڻايون آهن. هنن مصرعن جي زبان مارواڙي ۽ ڍاٽڪيءَ سان ملندڙ جلندڙ آهي. ان ۾ ڪجهہ لفظ يعني: اڌ رات، سڏ، سٽ، اڌ سير، ڍور، کڙيان، ۽ ڍڪي سنڌيءَ جا آهن ۽ ٻيا مارواڙيءَ ۽ ڍاٽڪيءَ جا آهن. انهن اهڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو تہ اهي دوها غالباً سنڌ جي ٿر واري پاسي جي سگهڙن/ شاعرن جا ئي جوڙيل آهن.


لفظ پدمڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو