پرار پراڙ

پرَارُ/ پَراڙُ: درياھہ، ڦاٽ ۽ واھہ وغيرہ جي پرئين ڪناري کي پرار چئبو آهي. شاھہ لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ’پراڙ‘ ۽ ’پرار‘ لفظ جون ٻئي صورتون ڪم آنديون ويون آهن: پِـراڻان پـراڙَ، نيـئـي اَڏج نجهــرا ! (شـاھہ) پـرارَ تي ڪا پُڪـار آهي، مگـر اڳيـان تکَ تـار آهي. (اياز)


هن صفحي کي شيئر ڪريو