پراونشل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچرس ايجوڪيشن- سنڌ (PITE): ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ جي سهڪار سان پاڪستان جي چئني صوبن ۾ 1994ع ۾ استادن جي سکيا جي رِٿا (Teachers Training Project) شروع ڪئي وئي. هن پراجيڪٽ جو بنيادي مقصد جديد طريقن رستي تعليم جو معيار بلند ڪرڻ ۽ تعليم جي منتظمن ۽ نگرانن جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ هو، تہ جيئن اُهي نئين دؤر جي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهن.
هن پراجيڪٽ هيٺ پاڪستان جي چئني صوبن ۾ پراونشل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچرس ايجوڪيشن (PITE) قائم ڪيا ويا. پائيٽ سنڌ، نوابشاھہ ۾ 1995ع ڌاري قائم ڪيو ويو. اهو نوابشاھہ شھر کان 7 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سڪرنڊ طرف ويندڙ شاهراھہ تي محمد ٽائون جي ويجهو آهي. هيءُ ادارو 24 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هيٺيون سهوليتون موجود آهن:
ايڊمنسٽريشن بلاڪ، اڪيڊمڪ بلاڪ، ڪمپيوٽر لئبارٽريون، هاءِ اسڪول، لائبرري، رهائش جون جايون ۽ بنگلا، ٽرانسپورٽ، ملٽي پرپز هال، مسجد، جنرل اسٽور، مردن جي هاسٽل، عورتن جي هاسٽل وغيرہ.
هن اداري جي مکيہ مقصدن ۾: (1) استادن جي تعليم جو معيار وڌائڻ، (2) تحقيق جي جديد طريقن موجب پروگرام استادن جي تربيت جا پروگرام منعقد ڪرڻ، (3) تعليمي ادارن جي صلاحيتن ۾ ايڇ. آر. ڊي معرفت اضافو ڪرڻ، (4) استادن جي تعليم جي حوالي سان تحقيق ڪرڻ، ۽ (5) تعليم کاتي کي استادن جي تعليم جي پاليسين ۾ مدد ڪرڻ شامل آهن.
هن اداري جو انتظامي سربراھہ ڊائريڪٽر جنرل هوندو آهي، اها ذميواري اداري جي قيام کان وٺي رانجهو خان زرداري، پروفيسر گل حسن تيوڻو، عبداللطيف صديقي، ڊاڪٽر محبوب علي شيخ ۽ مشتاق احمد شاهاڻي نڀائيندا رهيا هئا ۽ هن وقت اداري جو ڊائريڪٽر جنرل عبدالمالڪ لکمير آهي.