پراڻو ديرو1: دادو تعلقي جي هن ديھہ ۾ ڪل 17 ڳوٺ آباد آهن: پنجو ديرو وليج، ڦلجي اسٽيشن (ٽائون ڪاميٽي)، اوڀايو پنهور، ليسوڙو پنهور، گل پنهور، ڪمال جهتيال، الھرکيو ماڇي، ڀائي خان پنهور، بچايو پنهور، لشڪري، علي خان پتافي، حاجي فضل سولنگي، حاجي حافظ، حمزو گرگلاڻي، حبيب ﷲ پنهور، غلام حسين ڪلهوڙو ۽ جمعو خاڪوپــراڻو ديرو خود وڏو ڳوٺ آهي. مشھور عوامي شاعر اسـتـاد بخاري، الھہ نواز رڪڻائي ۽ حاڪم علي شاھہ بخاري جو ننڍپڻ ۽ جواني هتي جي دوستن سان گذري. هتي ئي سرتاج لڪياري ۽ ٻيا اسٽيج ڊراما ڪندا هئا، جن ۾ استاد بخاري هيري جو پارٽ ادا ڪيو هو. ان کان پوءِ حاڪم علي شاھہ بہ هتي ٿيندڙ ڪيترن ڊرامن ۾ هيري جو ڪردار ادا ڪيو هو، جن ۾ هن وقت جي مشھور راڳي منظور سخيراڻي هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو هو. هي ڳوٺ ڪنهن سمي وڏو پتڻ هو. انگريزن ڦلجيءَ کان پراڻو ديرو ريل جي پٽڙي بہ وڇائي هئي، جيڪا پراڻي ديري پتڻ تان مال کڻي ايندي هئي. هتي غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ سندس ڀائرن جون زمينون بہ آهن. ڪيٽي جتوئي ۽ ڪيٽي کيڙا بہ هن ديھہ ۾ اچي ٿي. غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ جا وڏا امام بخش ’صابر‘ ۽ غلام رسول خان جتوئي هن ڳوٺ ۾ مشاعرا بہ ڪرائيندا هئا.