پراڻي سنگرار-1: هي تاريخ کان اڳ واري دؤر هڙاپا دور جو دڙو 270 36' 55" اتر ۾ 690 05' 00" موزا سنگرار ڳوٺ، تعلقي روھڙي، ضلعي سکر ۾ آهي. ھي ماڳ ڳوٺ سنگرار کان ٻہ ڪلو ميٽر اولھہ ۾ آھي. دڙي تي ٿورا گهڻا ٺڪر پکڙيل آھن. دڙي جي ماپ ڏکڻ اتر 187 ميٽر ۽ اوڀر اولھہ 80 ميٽر آھي. ملندڙ وٿن ۾ ٺڪراٺو سادو ۽ چٽيل ٻنھي قسمن جو ملي ٿو، ان کان سواءِ دڙي تي ڀڳل ٺِڪر جون چلمون، پيالا وغيرہ پکڙيل آھن. ڪجهہ ٿانون تي چٽن جا نشان بہ ملن ٿا.