پُراڻ1: پُراڻ، سنڌو درياھہ جو پُراڻو ۽ قديم وهڪرو، جيڪو نواب شاھہ (هاڻي بينظير آباد)، موري ۽ سڪرنڊ تعلقن جي وچ مان نڪري، شھدادپور وٽان وهندو، ميرپورخاص شھر جي اوڀر کان ٿيندو، جهلوريءَ جي اُڀرندي طرف کان ٿيندو، ڪوٽ غلام محمد شھر جي الهندي پاسي کان ۽ ڊگهڙي شھر جي اوڀر کان اٽڪل ٽن ميلن کان ٿيندو، ٽنڊي جان محمد شھر جي اڀرندي ۽ جهڏي شھر جي الهندي پاسي کان اڳتي هلي، ميرپورخاص ۽ بدين ضلعي جي دنگ وٽان وهندي، رهمڪي بازار کان اٺ ڏھہ ميل پرتي هلندي اڳتي وڃي، لکپت بندر وٽ ڪوري کاريءَ ۾ عربيءَ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن وقت بہ پُراڻ نالي سان ٻن وهڪرن جا آثار ڏسجن ٿا:
(1)اڀرندو پراڻ: هي ضلعي ٿرپارڪر کان ايندو، ڪنري، فضل ڀنڀري ۽ نئين ڪوٽ کان ڦرندو، حيدرآباد ضلعي کان ٿي، ونگي پتڻ ڀرسان لنگهندو، ڏاکڻي طرف رهمڪي بازار ڏانهن وڃي ٿو.
(2) الھندو پراڻ: هي جهڏي شهر، محراب ڳوٺ، باغ جي پتڻ ۽ جرڪس اولياءَ جي درگاھہ وٽان ٿيندو، نندي شھر جي اتر طرف، ونگي پتڻ کان هيٺ ڇنڊڻ وٽ، اڀرندي پراڻ ڍوري سان وڃي ملي ٿو، انهن ٻنهي وهڪرن جا نشان اڃا تائين ملن ٿا. اهي ٻئي گڏجي، هڪ ٻئي وهڪري جي صورت ۾ ڪوري کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا.
سنڌوءَ جي وهڪري کي پراڻ ان ڪري بہ چيو ويو تہ سنڌو درياھہ پنهنجو اهو وهڪرو بدلائي ٻيو وهڪرو اختيار ڪيو. اهڙيءَ طرح ڇڏيل وهڪرو پراڻو يا پراڻ ٿي ويو. سنڌ جون سڀ ڍنڍون درياھہ جون ڇڏيل پراڻ آهن ۽ جڏهن پاڻيءَ جي چاڙھہ واري مند ۾ بہ پاڻيءَ کان ڪٽيل رهيون تہ اهي ڍنڍون ٿي ويون. پراڻ کان سواءِ قديم دؤر ۾ سنڌوءَ جا ٻيا بہ وهڪرا هوندا هُئا، جن ۾ ساڱرو، گهگهہ، نيرو ڳٺو ۽ ريڻ شامل هئا، پر جڏهن پراڻ ويران ٿيو تہ ٻيا وهڪرا بہ بند ٿي ويا ۽ لاڳاپيل شھر وڳھہ ڪوٽ، روپا ۽ ساڱرو بہ تباھہ ٿي ويا.
علاؤالدين خلجي جڏهن دهليءَ مان روانو ٿي سنڌ پهتو هو تہ کيس بہ پُراڻ تان ٽپڻو پيو ۽ هن پُراڻ پار ڪري دودي سومري سان جنگ ڪئي هئي. ان دؤران وڳھہ جي واليءَ سان وڙهڻ لاءِ وري بہ کيس پراڻ ٽپڻي پئي هئي ۽ هن پراڻ جو اڀرندو پاسو وٺي نئين ڪوٽ تي حملو ڪيو هو.