پرديسي ڪهڙا پرين

پرديسي ڪهڙا پرين

پرديسي ڪهڙا پرين

پرديسي ڪهڙا پرين (ڪتاب): هي سنڌ جي نامور اديب ۽ شاعر عنايت بلوچ جو سفرنامو 1983ع ۾ انگلينڊ ۾ ٿيندڙ ‘ٽئين پروفيشنل ورلڊ ڪرڪيٽ ڪپ’ جي مئچن جي رننگ ڪمينٽري نشر ڪرڻ جي سلسلي ۾، ريڊيو پاڪستان طرفان نمائندگي ڪرڻ دوران جي سفر بابت آهي. سفرنامي جي ارپنا هنن لفظن ۾ ڪيل آهي: “حــُسن کان بہ وڌيڪ حسِين، چنچل ۽ معصومڙي ڊيلا جي نالي، جنهن سان فرئنڪ فرٽ ايئرپورٽ تي چند گهڙين جي روح رهاڻ دل تي دائمي نقش ڇڏي وئي.” سفرنامي جو مهاڳ ‘سندباد بلوچ جو ٻيو سفرنامو ’ عنوان سان قمر شھباز لکيو آهي. ‘پنھنجي پاران’ عنايت بلوچ جو لکيل آهي. سفرنامي ۾ هر ڏينهن جي يادگيري ۽ واقعي کي الڳ الڳ عنوان سان بيان ڪري وڌيڪ دلچسپ بڻايو ويو آهي. ڊيمي سائيز، رنگين ڊسٽ ڪور سان هي ڪتاب بزم تعمير ادب ڪراچي پاران نومبر 1987ع ۾ ڇپيو. 196 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي سادي ڪاپي جي قيمت 30 رپيا ۽ اعليٰ ڪاپي جي قيمت 50 رپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو