پرمار

پَرمَارُ: پرمار هندن جي مختلف پرتن ۾ راجپوتن (سوڍن)، سوٽهڙن، مينگهواڙن ۽ ڪولهين ۾ نُک ٿيندي آهي. پرمارن جي اصل جنم ڀومي پارڪر آهي. هندو شاسترن مطابق شري پرسرام کي ڀڳوان وشنوءَ جو ڇهون اوتار ڪري ليکيو وڃي ٿو. هڪ روايت آهي تہ هڪ دفعي ڳئون جي معاملي تان راجپوت راجا ڪرتويه ۽ شري پرسرام جي وچ ۾ ويڙھہ ٿي، جنهن تي راجا جي ماڻهن شري پرسرام جي پيءَ شيراج جمندگانيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. جنهن تي شري پرسرام اعلان ڪيو تہ مان ڪنهن بہ راجپوت کي بخش نہ ڪندس. انهيءَ اعلان سان راجپوت ناس ٿي ويا. هندو ڌرم موجب چؤٻول اٿيو تہ راڪاس هندو رعيت کي گهڻو ستائين ٿا. برهمڻن، ڀڳوان جي پرارٿنا ڪئي ۽ منتر پڙهيا، جنهن تي ڪِن ”مار! مار!“ چيو. ان ڏينهن کان وٺي انهن جو نالو پرمار پئجي ويو. هنن ”آبو“ جبل کي 900ع ڌاري پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو هو. سڄي پارڪر ۾ پکڙجي ويا.
ڪتاب ”راجپوتانا اتهاس“ ۾ راجپوت سوڍن ۾ پرمارن جون هيٺيون شاخون بيان ٿيل آهن: سوڍا، سانکلا، موريا، سومرا، کيسر، ميپاوت، وهل، ٻلهر، ڪاٻار، امٽ، ريهور، چوٽورا، کيچر، ڍونڍا، سورٺيا، سوکڙا، هريا، ڪوهلا، پويا، ڀوجا، سپل، ڀيٻا، ڀوڪرڻا، ديوا، ڪهوريا، ڪالسر، ڪالموھہ، ڌونڌر، جپرا، ٻرهر، پوسرا، ڌوتا، دڪوموا، ٽيڪا، پوڪاڻ ۽ پوڪرنا. تاريخي ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي تہ پرمار ڏاڍا بھادر هئا، ان ڪري برهمڻ کين ”راجپُتر“ چوندا هئا. سندس بهادري بابت ڪيتريون ئي چوڻيون مشھور آهن:
”پرٿوي پهلا پرمار، پرٿوي پرماران تڻو“پارڪر جي سوڍن مان ڪاڇٻو پرمار نهايت مشھور هو، جنهن مهڻي ملڻ تي ڪاڇي گڍ جي ڪماريءَ سان شادي ڪئي هئي. ڪتاب ”راجسٿان“ ۾ جيمس ٽاڊ، سومرن کي بہ پرمار ڄاڻايو آهي. ڪئپٽن ريڪس سومرن جي دؤر ۾ ٿر ۾ آباد سوڍن لاءِ لکي ٿو: ”هن علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ سوڍن جي ذات ڇانيل آهي، جيڪا راجپوت ڦريءَ سان لاڳاپيل آهي ۽ پرمارن سوڍن جي ڪڙم مان آهي. انهن راجا ڀوڄ (1000ع کان 1050ع) جي حڪومت دوران ڏاڍي ترقي ڪئي. راجا ڀوڄ پنھنجي وقت جو ليجينڊري راجا هو ۽ وڏو ودوان ۽ آبپاشي سرشتي جو ماهر هو. اٺ سؤ، هزار سال کن پرمار سوڍا، اُجين ۽ مالوا جي ڀرپاسي وارن علائقن تي حڪومت ڪندا هئا. گهڻو وقت ٿيو جو ڪن اڻ ڄاتل سببن ڪري (ٿي سگهي ٿو تہ ڪي سماجي مسئلا هجن) پنهنجو وطن ڇڏي، هٿيار پنهوار کڻي پنھنجي ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ڌارئي ديس ڏانهن نڪري پيا.
اوڏن جي هڪ پاڙي جو نالو بہ ”پرمار“ آهي.


لفظ پرمارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو