پرمانند ڏيپچند هندوجا: شڪارپور، سنڌ جي مشھور هندوجا آڪھہ جو پرمانند ڏيپچند آهوجا، پي. ڊي آهوجا، 1901ع ۾ ڄائو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ سنڌ مان لڏي ممبئي، هند ۾ وڃي ويٺو ۽ سموري ڄمار ايتري محنت ڪيائين، جو اڄ نہ صرف هندستان ۾ پر تھران ۽ لنڊن ۾ سندس ڪٽنب جو ڪاروبار پکڙيل آهي، جيڪو ارب پتي ۽ دنيا جي شاهوڪار ترين ڪٽنبن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪو نہ صرف ڪاروبار، پر سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ بہ اڳڀرو آهي. سندس واپار، ناڻي، تيل ۽ ٽيليڪميونيڪيشن جي شعبن ۾ آهي. 1944ع ۾ هن هڪ تعليمي ٽرسٽ پنھنجي ماءُ جي نالي سان ’شريمتي پهنچي ٻائي ديپچند هندوجا ٽرسٽ‘ نالي ٺاهيو، جنهن جي تحت ڪيترائي تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا، جن مان هن وقت ممبئيءَ ۾ ’ڪي. پي. بي هندوجا ڪاليج آف ڪامرس‘ هلي رهيو آهي. 1951ع ۾ هن هڪ آئوٽ ڊور ڪلينڪ چالو ڪئي، جيڪا هن وقت بمبئيءَ جي وڏي اسپتال ’پي. ڊي. هندوجا نيشنل هاسپيٽل اينڊ ميڊيڪل ريسرچ سينٽر‘ جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهي آهي. 1968ع ۾ هن ’هندوجا فائونڊيشن‘ ٺاهي، جنهن جي ماتحت صحت، تعليم، سنڌي ثقافت، فن، سماجي ڀلائي ۽ مذهبي رواداريءَ جي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون.
1971ع ۾ پرمانند جي وفات کانپوءِ سندس چئن پٽن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجو ڪاروبار عروج تي پهچايو، جن مان سريچند ۽ گوپيچند لنڊن ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيون ۽ دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ شمار ٿيا، جڏهن تہ پرڪاش سئيزرلينڊ ۾ ڪاروبار ڪيو. سندس آخري پٽ اشوڪ ممبئيءَ ۾ رهي ٿو، جتي هو پنھنجي ڪاروبار جي نگراني ڪري ٿو. هنن ڀائرن جو پاڻ ۾ مثالي سهڪار آهي ۽ گڏجي ’هندوجا گروپ‘ جو ڪم سنڀاليندا اچن، جنهن جو چيئرمئن سريچند هندوجا آهي.