پَرمِٽَ (Permit): اجازت نامو، ڪنهن خاص ڪم جي منظوري، سنڌيءَ ۾ ان جي هڪ اصطلاحي معنيٰ بہ آهي. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي زماني ۾ ۽ ان بعد پاڪستان جي شروعاتي ڏهن سالن واري دور ۾ ڪپڙو، اٽو، گاسليٽ، کنڊ، ماچيس ۽ ٻيون ڪيتريون ضروري شيون پرمٽ تي ملنديون هيون. ايوب خان جي دؤر ۾ بہ کنڊ ۽ اٽو پرمٽ تي ملندو هو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اميرن، وزيرن ڪيترن ڪمن لاءِ پلاٽ ۽ پرمٽ کي چالو رکيو. هلنديءَ وارن کنڊ، شراب ۽ ڪيترين شين جون پرمٽون ورتيون ۽ سياسي رشوت طور استعمال ڪيون، اهو سلسلو ڪنهن نہ ڪنهن شڪل ۾ اڄ تائين جاري آهي.