پرنس (ڪتاب): هي ڪتاب فلورينس (اٽليءَ) جي مشھور سياسي اڳواڻ نڪو ميڪاولي جي لکيل انگريزي ڪتاب "The Prince" جو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي. هي ڪتاب هن فلارينس جي سياسي ماحول ۾ رهي لکيو هو. هن ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لکيا هئا. هي ڪتاب سندس مشھور ڪتابن مان آهي، جنهن کي عالمي شھرت ملي. سياستدانن جي ڪوڙن ڍنگن ۽ فريبن جي هن ڪتاب ۾ عڪاسي آهي ۽ سچي ۽ خدمتگار سياستدان ٿيڻ لاءِ رهنمائي بہ آهي. هن ڪتاب جو مفصل ترجمو سنڌ جي سڄاڻ مترجم م. ن محزون ڪيو آهي. رنگين ٽائيٽل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 136 صفحا آهن ۽ قيمت 40 رپيا آهي. هي سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران 1993ع ۾ شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب جو اردوءَ تان سنڌي ترجمو منصور قادر جوڻيجي بہ ڪيو هو، جنهن جا ٻہ ڇاپا ڇپجي چڪا آهن.