پرنٽر
نان امپيڪٽ پرنٽر
انڪ جيٽ پرنٽر (Ink-Jet Prniter)
امپيڪٽ پرنٽر (Impact Printer)
ڊاٽ ميٽرڪس پرنٽر (Dot Matrix Printer):
پرنٽر (Printer): اها مشين آهي، جيڪا هڪ اهڙي آئوٽ پٽ ڊِوائس (نتيجو ڏيندڙ اوزار) آهي، جنهن جي مدد سان ڪمپيوٽر مان ملندڙ اطلاع کي ڇپيل حالت ۾ حاصل ڪيو وڃي ٿو، جنهن کي سولائيءَ سان پڙهي ۽ سمجھي سگھجي ٿو. پرنٽر مان ورتل آئوٽ پٽ کي ”هارڊ ڪاپي“ چئجي ٿو. جنهن ۾ ڪاغذ ڇپيل صورت ۾ حاصل ٿئي ٿو. پرنٽر جي، ڪاغذ کي پرنٽ لاءِ وجھڻ واري خاني کي اِن ليٽ ۽ پرنٽ ڪڍڻ واري خاني کي آئوٽ ليٽ چئجي ٿو. پرنٽر کي پرنٽنگ جي ڪم جي لحاظ کان نان امپيڪٽ پرنٽر (Non-Impact Printer) امپيڪٽ پرنٽر (Impact Printer) ۾ ورهايو وڃي ٿو:
(1) نان امپيڪٽ پرنٽر (Non-Impact Printer): نان امپيڪٽ پرنٽرن ۾ ڪنهن به نموني جي ڇپائيءَ جو ڪم هڪ خاص قسم جي اليڪٽرانڪ شعاعن جي مدد سان ورتو وڃي ٿو. اهو ان ريت ته جيڪو ڪجهه پرنٽر سان ڇاپيو وڃي ٿو، ان جي اکرن مان هيءُ شعاع گذري ٿو ۽ ان جي فلم ٺهي وڃي ٿي. ان کان پوءِ ان فلم تي آئوٽ پٽ نتيجي کي خاص قسم جي ڪاغذ تي موڪلي، ان جي هارڊ ڪاپي حاصل ڪئي وڃي ٿي. اهڙا پرنٽر هڪ منٽ ۾ 6400 لائينون ڇاپي سگھن ٿا، اهڙن پرنٽرن جا ڪيترا ئي قسم آهن، جن مان ڪن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(i)ليزر پرنٽر (Laser Printer): هن پرنٽر ۾ پرنٽنگ لاءِ فوٽو ڪاپيءَ وارو طريقو رکيو ويو آهي، جنهن ۾ بجلي، دٻاءَ ۽ حرارت کي ڪتب آڻي ڪاربان جا پارٽيڪل، ڪاغذ جي مٿان وڇايا وڃن ٿا، جنهنڪري ڪاغذ تي عڪس ٺهي ٿو. ليزر پرنٽر جي پرنٽنگ جي رفتار في منٽ صفحن سان ماپي وڃي ٿي. مختلف ليزر هڪ منٽ ۾ 4 کان 12 تائين صفحا پرنٽ ڪري سگھن ٿا. ان ۾ خرچ جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته ڪيتري بهتر پرنٽ نڪري ٿي يا ڪنهن صفحي تي ان جي پائوڊر جو ڪيترو مقدار ڪتب ٿئي ٿو. پرنٽر اندر پائوڊر سان ڀريل هڪ ٽونر ڪتب ايندو آهي، جيڪو وچئين درجي جي ٽيڪسٽ جا 2000 کان 3000 صفحا ڪڍي سگهندو آهي. هي پرنٽر پرنٽنگ وقت آواز نه ٿا ڪن ۽ انهن جي خاصيت به تمام سٺي ٿئي ٿي. اشاعتي ادارا گھڻو ڪري هن قسم جا پرنٽر استعمال ڪن ٿا. جن جي پرنٽنگ واري خاصيت کي ڊي پي آئي (ڊاٽس پر انچ) سان ماپيو وڃي ٿو. 300 ڊي پي آءِ کان 1200 ڊي پي آءِ جا پرنٽر ڪتب اچن ٿا. 300 ڊي پي آءِ جي معنيٰ آهي هڪ چورس انچ ايراضيءَ ۾ 300 ڊاٽ ڊيگھه جي طرف ۽ 300 ڊوٽ ويڪر جي طرف پرنٽ ٿين ٿا. مطلب ته هڪ چورس انچ ۾ ڪل 90000 ڊوٽ ٿيندا. ان لاءِ جيتري پرنٽر جي ڊي پي آءِ واري خاصيت سٺي هوندي، اوتري سٺي پرنٽ ڪڍي سگھجي ٿي.
(ii) پلاٽر (Plotter): پلاٽر هڪ آئوٽ پٽ ڊيوائس آهي. ان سان مختلف نقشا، تصويرون، ڊزائينون ٺاهي سگھجن ٿيون. پلاٽر ۾ مختلف رنگ جون مختلف پينون لڳل هونديون آهن، جن سان رنگين ڊيزائن ٺاهي سگھجي ٿي.
(iii)انڪ جيٽ پرنٽر (Ink-Jet Prniter): انڪ جيٽ پرنٽرن ۾ خاص قسم جو ڪاغذ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو مَس کي گھڻو جلدي ملائي ڇڏي ٿو. هن ۾ ڪاغذ يا ڪنهن ٻيءَ َشيءِ تي مس نڪري ٿي، جنهن سان ٽيڪسٽ ۽ گرافڪس کي پرنٽ ڪري سگھي ٿو. ان پرنٽر جي اندر هڪ نوزل (ٽوٽي) ڪاغذ جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين حرڪت ڪري ٿي ۽ ڪمپيوٽر کان ملندڙ عڪس موجب مَس جو هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين حرڪت ڪري ٿو ۽ ڪمپيوٽر کان ملندڙ عڪس موجب مَس هڪ خاص ڦوهارو نڪري صفحي کي پينٽ ڪري ٿو. جڏهن پرنٽر، صحيح پرنٽ نه ڏئي ته ان جي ڪارٽيج (هڪ قسم جي مس) کي تبديل ڪرڻ گھرجي، جيئن صحيح نتيجو ڏئي. پرنٽر Epison ۽ ٻين ڪمپنين جا دستياب آهن. ان کان سواءِ زيرو گرافڪ پرنٽر ۽ ٻيا، نان امپيڪٽ قسم جي پرنٽرن ۾ اچن ٿا.
(2) امپيڪٽ پرنٽر (Impact Printer): امپيڪٽ پرنٽرن ۾ عام ٽائيپ رائيٽر وانگر پرنٽنگ ٿئي ٿي. هن ۾ هڪ ربن لڳل هوندي آهي، جنهن ۾ خاص قسم جي مس هوندي آهي. ان ربن مٿان گھربل اکر يا انگ جو ٽڪر پنهنجو دٻاءُ وجھي ٿو، جنهنڪري اهو ڪاغذ جي مٿان ڇپجي وڃي ٿو. امپيڪٽ پرنٽر پراڻي قسم جا پرنٽر آهن. اهڙن پرنٽرن جا ڪيترائي قسم آهن، جن مان ڪي هتي بيان ڪجن ٿا:
(i) گالف بال پرنٽر (Golf Ball Printer): هن قسم جي پرنٽرن ۾ هڪ گول بال وانگر حرڪت ڪرڻ واري باڊي ٿئي ٿي، جيئن ڪيترن اليڪٽرڪ ٽائيپ رائٽرن ۾ هوندو آهي. ان تي مختلف اکرن کي ڪتب آڻڻ لاءِ ٺاهي سگھجي ٿو ۽ انهن کي سولائيءَ سان بدلائي به سگھجي ٿو.
(ii) ڊاٽ ميٽرڪس پرنٽر (Dot Matrix Printer): اهڙن پرنٽرن ۾ هڪ ئي وقت ڪاربان پيپر ڪم آڻي نقل به ٺاهي سگھجي ٿو، جيڪو ٻين قسمن جي پرنٽرن ۾ ممڪن نه ٿيندو آهي. هن قسم جي پرنٽرن ۾ پنون ٿين ٿيون، جيڪي ٽائيپ رائيٽر وانگر هڪ ربن تي لڳن ٿيون، ان ڪري ڪاغذ تي ان موجب پرنٽنگ ٿي وڃي ٿي. حقيقت ۾ ڊاٽ ميٽرڪس پرنٽر 9 پنن سان گڏ تيار ڪيا ويا هئا. هي پنون اُڀي نموني ٺاهيون ويون هيون ۽ انهن سان جيڪو آئوٽ پٽ ملندو هو، مٿاڇري واري خاصيت جو هوندو هو، انهن جي خاصيت کي بهتر بنائڻ لاءِ پنن کي وڌايو ويو ۽ هاڻي نون پرنٽرن ۾ 24 پنون ٿين ٿيون. ڊاٽ ميٽرڪس پرنٽر ۾ ڪيريڪٽر جي ڪري پرنٽ ٿئي ٿي ۽ هر ڪيريڪٽر ڊاٽس جي مختلف گروپن جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڊاٽ ميٽرڪس پرنٽرن ۾ عام طرح ڪيترن ئي فونٽن کي پرنٽ ڪرڻ جي قابليت ٿئي ٿي. ان جي ڊرافٽ موڊ ۾ پرنٽ ڪرڻ جي رفتار 200 کان 400 اکر في سيڪنڊ تائين ٿي سگھي ٿي. ڊاٽ جي معنيٰ نقطو يا ٻڙي آهي. هي پرنٽر هلڻ وقت آواز ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي پنون ان اندر لڳل ربن سان اهڙيءَ طرح ٽڪرائجن ٿيون، جيئن مڪينيڪل ٽائيپ رائيٽر جو بٽڻ دٻائڻ سان هڪ ليور ڪاربان پيپر تي زور سان لڳي ٿو ۽ ڪاغذ تي پرنٽ ٿي وڃي ٿي. هن پرنٽر جي رفتار به گھٽ آهي ۽ هي خاصيتن ۾ به سٺو نه آهي، پر ان ۾ هڪ خوبي اها آهي ته ان جي پرنٽ تي خرچ ٻين پرنٽرن جي مقابلي ۾ تمام گھٽ ٿئي ٿو، جنهنڪري اڄ تائين به اهي آفيسن وغيره ۾ ڪتب اچن ٿا. هي پرنٽر اڃا استعمال ٿين ٿا، پر اِنڪ جيٽ پرنٽرن جي اچڻ کان پوءِ انهن کي گھٽ پسند ڪيو وڃي ٿو. ڪيترن ئي ڊاٽ ميٽرڪس پرنٽرن ۾ رنگ جي اختياري به هوندي آهي. ان لاءِ ملٽي ڪلر ربن ڪم ايندو آهي.
(iii) چين پرنٽر (Chain Printer): هي پرنٽر هڪ لائين پرنٽر وانگر ٿين ٿا. ان ۾ اکر هڪ لڳاتار زنجير تي ٺهيل هوندا آهن. اها زنجير، پرنٽر هٿوڙي ۽ ڪاغذ جي وچ ۾ لڳل هوندي آهي. جڏهن هٿوڙي زنجيريءَ تي لڳي ٿي ته گهربل اکر، ڪاغذ تي ڇپجي وڃي ٿو. ان کان سواءِ ڪيترائي ٻيا پرنٽر پڻ امپيڪٽ پرنٽرن واري قسم جا ٿين ٿا.ا