پُرهه: ماڻهوءَ جي قد جيتري ماپ، سنوت ۾ ڊگهيريل ٻنهي ٻانهن جي ماپ (هڪ هٿ کان ٻئي هٿ تائين) جيڪا گهڻو ڪري ماڻهوءَ جي قد جيتري ٿئي ۽ عام طرح پنج فوٽ ٿئي. هيءَ ماپ اڪثر پاڻيءَ، کوهه يا اوچائي ماپڻ جي به ڪم اچي. ڪن خطن ۾ وري ماڻهو ٻانهون مٿي ڪري بيهندو، پوءِ پيرن کان وٺي هٿن جي چوٽيءَ تائين ماپ کي پُرهه چوندا آهن.