پرهياڙ شيخ فقير

پرهياڙ شيخ، فقير: پير شيخ فقير'>پرهياڙ شيخ فقير جي درگاھہ، چوکنڊي قبرستان (ڪراچي) ۾ واقع آهي. هيءَ قبر بہ چوکنڊي طرز جي ٺهيل آهي، پر هن تي شڪلين بدران ڪلمو طيب درج آهي. هن درگاھہ تي هر سال 8 محرم جي رات کان 9 محرم جي شام تائين عقيدتمند ڪافي تعداد ۾ حاضري ڀرڻ ايندا آهن. چادرون ۽ گل چاڙهيا ويندا آهن. هن قبر جي ڪتبي تي ”اين تربت پير سيد پرهاڙ“ تحرير درج ٿيل آهي. هن جو منتظم ڪجهہ وقت اڳ گل محمد فقير هو، جيڪو ڳوٺ موريي فقير جوکيي جو رهاڪو هو.


لفظ پرهياڙ شيخ فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو