پروانو ميراجي

پروانو ميراجي: بروهي زبان جو شاعر غلام رسولپروانو‘ ميراجي ولد پير بخش ميراجي، 1 آگسٽ 1970ع تي جنگي وال کيرٿر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ديني ۽ سنڌي تعليم مدرسہ عربيه محمديه فريدآباد، ضلعي دادوءَ مان ورتائين. ميٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ-1 مان ڏنائين. انٽـر گـورنمينٽ ڊگـري ڪـاليج خيرپـور ناٿـن شـاھہ مان ڏئي، بي. اي سـنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان پاس ڪري پرائمري اُستاد ٿيو. ان کان سواءِ اوپن انٽرنيشنل يونيورسٽي فار ڪمپليمينٽري ميڊيسن سريلنڪا ڪئمپس ڪراچيءَ مان ڊگري وٺي طب جي شعبي ۾ مهارت حاصل ڪيائين. 1988ع کان براهوي ادب سان لاڳاپيو. شاعري4 کان سواءِ ڪافي تحقيقي مقالا بہ لکيا اٿس. جڙي ٻوٽين تي سندس براهوي زبان ۾ لکيل پهريون تحقيقي ڪتاب ”پيهي ڦلي“ (گل بابونه) 101 صفحن تي مشتمل براهوي اڪيڊمي ڪوئيٽا 2001ع ۾ ڇپائي، جنهن جي ادبي حلقن ۾ وڏي مڃتا ٿي. هي براهويءَ کان سواءِ اردوءَ ۾ بہ لکي. براهويءَ جو سٺو شاعر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.08.01  عيسوي

بروهي زبان جو شاعر غلام رسول ’پروانو‘ ميراجي ولد پير بخش ميراجي، 1 آگسٽ 1970ع تي جنگي وال کيرٿر ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلوچ هدايت
اقبال احمد پيرزادو ڊاڪٽر
آسي زميني
اظھر علي ٻانڀڻ
مير ڪرم علي خان ٽالپرڪرم
عـلـي رضا عمراڻي
امداد سروري
امتياز دانش
نواز خان زنئور
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون