پروانہ جات و سندهاري سادات: هن قلمي نسخي جو مرتب سيد سوائل شاھہ (ثاني) پٽ سيد غلام علي (وفات 1277ھہ/1860ع) پٽ سيد فقير علي پٽ سيد سوائل شاھہ (اول) (المتوفي 1232ھہ/1816ع) پٽ سيد محمد شجاع پٽ سيد عبد اللطيف پٽ سيد عبدالستار پٽ سيد جان محمد پٽ سيد طالب پٽ سيد گهرئو پٽ سيد ميان، اولاد امير سيد محمد مڪي رضوي آهي. روهڙيءَ جي ساداتن کي وقت بہ وقت حاڪمن کان جيڪي زمينون ۽ جاگيرون ملنديون هيون، تن جي پروانن ۽ سَنَدُن کي هن بياض ۾ گڏ ڪيو ويو آهي. هيءُ بياض بنديءَ مثل ڊگهن ٿُلهن پنن تي لکيل ۽ 180 صفحن تي ڦهليل آهي. مرتب، هن بياض ۾ شامل پروانن ۽ ٻين قيمتي سَنَدُن جي نقل ۽ ترتيب جو ڪو بہ لحاظ نہ رکيو آهي. ڪٿي ٽالپر حاڪمن جا پروانا نقل ڪيا ويا آهن، تہ ڪٿي برطانوي دور جي عملدارن ۽ اهلڪارن جون سندون ڏنيون ويون آهن ۽ ڪٿي وري مغلن جي دور جا پروانا ڏنا ويا آهن. مرتب کي جيئن جيئن مختلف هنڌن تان مواد ملندو ويو آهي، تيئن تيئن انهن کي بياض ۾ درج ڪندو ويو آهي. هن بياض ۾ ڪافي قيمتي مواد موجود آهي. پروانن ۽ ٻين نقلن کان سواءِ روهڙي، بکر ۽ سکر جي ڪيترن ئي بزرگن، جاين، حويلين، ماڳن ۽ مڪانن جو احوال موجود آهي. هن بياض جي اڀياس مان ڪيتريون اهم تاريخي ڳالهيون حاصل ٿي سگهن ٿيون. هيءُ بياض، روهڙي شھر ۾ ”شھيد ڊاڪٽر علي شريعتي لائبرريءَ“ ۾ موجود آهي.